Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

آهن، نور هئڻ جي باوجود حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام بشر (انسان) بڻجي اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيا، هن طرح جو صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان به ان کي نه سڃاڻي سگھيا، هن مان معلوم ٿيو ته جڏهن حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام نوري مخلوق هئڻ جي باوجود بشر بڻجي هن دنيا ۾ آيا آهن ته اسان جا پيارا آقا، ٻنهي جهانن جا داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به  نور هئڻ جي باوجود بشر بڻجي هن دنيا ۾ تشريف فرما ٿيا آهن۔

حضرتِ سيدُنا جابِر بن عبدالله انصاري رَضِىَ اللهُ عَنْهمَا فرمائن ٿا، مون عرض ڪيو: ”يارسولَ الله (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ)! منهنجا ماءُ پيءُ حُضور (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) تي قربان! مون کي ٻڌايو ته سڀ کان پهريان الله پاڪ ڪهڙي شيء ٺاهي؟“ فرمايائون: ”اي جابِر! بيشڪ بِاليقين، الله پاڪ تمام مخلوقات کان پهريان تنهنجي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو نور پنهنجي نور مان پيدا فرمايو۔“ (فتاوي رضويه، ۳۰/۶۵۸ ، الجزءُ المفقُود مِن الجزء الاوّل مِنَ المُصَنَّف لِعبدالرّزّاق، ص ۶۳، حديث:۱۸)

ان ڪري اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت، مجددِ دين و ملت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه   ڇا ته خوب فرمائن ٿا:

جو گدا دیکھو لیے جاتا ہے توڑا نور کا                            نور کی سرکار ہے کیا اس میں توڑا نور کا

نور کی سرکار سے پایا دوشالہ نور کا                                ہو مبارک تجھ کو ذوالنورین جوڑا نور کا

تیری نسلِ پاک میں ہے بچہ بچہ نور کا                         تُو ہے عینِ نور تیرا سب گھرانہ نور کا

(حدائقِ بخشش، ص۲۴۵،۲۴۶)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

باادب بانصيب

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻي ڳالھ جيڪا هن حديثِ پاڪ مان معلوم ٿي اها هي آهي ته حضرت جبريل امين عَلَيۡهِ السَّلَام جڏهن بارگاھِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۾ حاضر ٿيا ته گوڏن ڀر ٿي هٿ ران تي رکي ادب سان ويهي رهيا، هن مان اسان