Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

ڪري اهڙن ڪپڙن کان بچي جو تڪبر بُري صفت آهي. (بهارِ شريعت  ج۳ص۴۰۹ ،رَدُّالْمُحتارج ۹ ص ۵۷۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَآءَ الله!    آئنده هفتيوار اِجتماع جو موضوع هوندو ”اعليٰ حضرت جي شاعري ۽ عشقِ رسول“ پنجويھ صفر المظفر تي اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت، پروانهءِ شمعِ رسالت، مُجدِّدِ دين و ملت، باعثِ خير و برڪت، امامِ عشق ومحبت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو عُرس ملهايو ويندو آهي، انهيء مناسبت سان آئنده هفتي جي بيان ۾ اسان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عشق و محبت سان ڀريل نعتيه ڪلام جي باري ۾ ٻڌنداسين ۽ حدائق بخشش جا ڪجھ شعر ۽ انهن جي مختصر وضاحت به ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين. لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو:  اِنْ شَآءَ الله

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد