Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

جيڪڏهن اوهان به سوشل ميڊيا يوزر آهيو ته انهن پيجز (Pages) ۽ چينلز(Channels) کي لائيڪ (Like) ۽ سبسڪرائب (Subscribe) ڪريو، ان تي موجود ڪونٽينٽ خوب شيئر ڪريو ۽ قرآن و سنت جي پيغام کي سڄي دنيا ۾ پهچائڻ ۾ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو۔ الله پاڪ دعوتِ اسلامي جي هر شعبي کي مزيد ترقي عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سینہ تری  سُنَّت کا مدینہ بنے آقا                              جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

 لباس جون سنتون ۽ آداب

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو بانيءِ دعوتِ اسلامي، شيخِ طريقت، اميرِاهلسنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ’’163 مدني گل‘‘ مان لباس جا ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿا۔

فرمانِ مصطَفٰي صَلَّی اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: جنّ جي اکين ۽ ماڻهن جي اوگھڙ وچ ۾ پردو اهو آهي ته جڏهن ڪپڙا لاهي ته بِسْمِ الله چوي. (اَلْمُعْجَمُ الْاَ وْسَط ج۲ص۵۹حدیث ۲۵۰۴) مُفسّر شهير، حڪيم الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: يعني جيئن ديوار ۽ پردو ماڻهن جي لاءِ اوٽ (يعني آڙ) بڻجي ٿو ائين ئي الله پاڪ جو ذڪر جنّن جي نگاهن کان اوٽ بڻجندو ته جيئن جنّ ان جي شرمگاھ کي ڏسي نه سگھن. (مرآۃ المناجیح،۱/ ۲۶۸) ٭ جيڪو شخص ڪپڙو پائي ۽ پڙهي: