Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

پڑوسی بَنا مجھ کو جنّت میں اُن کا                                                 خُدائے محمد برائے مدینہ

لگا فَجْر میں بھائی گھر گھر پہ جاکر                                                ذَرا دل لگا کر ’’صدائے مدینہ‘‘

(وسائلِ  بخشش مُرمّم،ص۳۶۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(3)نمازون قضا ڪرڻ!

اي عاشقانِ رسول! اسان قيامت جي نشانين جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين۔ معراج تي وڃڻ واري آقا، غيب ٻڌائڻ واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قيامت جي هڪ نشاني اها به بيان فرمائي آهي ته ماڻهو نمازون قضا ڪندا۔ (التذڪرة باحوال الموتي وامورالاخرة، باب اذا فعلت ھذه الامة…الخ، ص۵۹۷)

اڄ نمازون قضا ڪرڻ جا منظر اسان جي اکين جي اڳيان آهن، افسوس صدافسوس! اڄ اسان جي مُعاشري ۾ صرف سُستي ۽ ڪاهلي جي ڪري روز روز نمازون قضا ڪيون وينديون آهن هڪ تمام وڏو تعداد آهي جيڪو نمازون قضا ڪري ڇڏيندو آهي ۽ انهن کي ان جي ڪا پرواھ به ناهي ٿيندي۔ ڪجھ ماڻهو ته اهڙا به آهن جو جڏهن انهن جي هڪ يا ڪجھ نمازون رهجي وينديون آهن ته هفتن جا هفتا بلڪ مهينن جا مهينن تائين ڄاڻي واڻي نماز ناهن پڙھندا ۽ جيڪڏهن ڪو اسلامي ڀاءُ اُنهن تي انفرادي ڪوشش ڪندي نمازن جي ترغيب ڏياري ته چوندا آهن ”هاڻي اِنْ شَــآءَالـلّٰـه  ايندڙ جمعي کان ٻيهر نمازون پڙھڻ شُروع ڪندس يا رمضان کان باقاعده نمازن جو اهتمام ڪندس“ ائين ڄڻ ڪنهن قِسم جي شرم ۽ جِھجڪ بنا وڏي دليري سان مَعَاذَ الله هن ڳالھ جو اِقرار ڪيو ويندو آهي ته نمازون ڇڏڻ جو اهو ڪبيره گُناھ، مان جُمُعي جي ڏينهن تائين يا رمضانُ المبارڪ تائين مُسلسل جاري رکندس۔ يقيناً اهو سڀ ڪجھ خوفِ خدا ۽ عِبادت جو شوق نه هئڻ جو وبال آهي نه ته جنهن جي دِل ۾ الله پاڪ جو خوف ۽ عِبادت جو ذَوق ۽ شوق هوندو آهي اهو هر حال ۾ نمازن جي پابندي ڪندو آهي ۽ الله پاڪ جي نافرماني کان بچندو آهي۔