Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

جون مختلف وضاحتون بيان ڪيون آهن۔ اسان جي معاشري جي ماحول جي مطابق جيڪا وضاحت آهي اها هي آهي ته ماڻهو پنهنجي حقيقي ماءُ سان ٻانهين (ملازمه/ خادمه)  جهڙو سلوڪ ڪندا، ماءُ کي ٻانهين جيان رکندا، ماءُ جي نافرماني ۽ حق تلفي ڪندا، ماءُ کي تڪليف پهچائيندا ۽ حال اهو ٿي ويندو جو اولاد پنهنجي ماءُ سان آٓقا جيان ورتاءُ ڪندو۔ (مقالاتِ شارحِ بخاري، باب اول ۱ /۱۵۶ملخصاً) جيئن ته حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن فرمانِ عالي جو مطلب بيان ڪندي لکن ٿا: (ٻانهي مالڪ ڄڻيندي) يعني اولاد نافرمان ٿيندي، پٽ ماءُ سان اهڙو سلوڪ ڪندو جيئن ڪو ٻانهيءَ سان (سلوڪ ڪندو آهي) ته (هاڻي مطلب اهو ئي ٿيو ته) ڄڻ ماءُ پنهنجي مالڪ کي ڄڻيندي۔ (مرآة المناجيح،ڪتاب الايمان ،الفصل االاول،۱/۲۶)

معاشري جي حالتِ زار

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جيڪڏهن اسان پنهنجي آسپاس نگاھ ڪيون ته اها حقيقت سامهون ايندي ته اسان جي معاشري ۾ هڪ تعداد آهي جيڪو والدين خاص ڪري ماءُ سان تمام بُرو سلوڪ ڪري ٿو۔ اڄ هڪ تعداد آهي  ماءُ تي شينهن جيان گجگوڙ ڪندو نظر اچي ٿو، ماءُ جي اڳيان رڙيون ڪندو نظر اچي ٿو ، ڪجھ نادان ته مَعَاذَ اللّٰه ماءُ کي گاريون پڻ ڏيندا آهن، ۽ ڪجھ بدقسمت ته مارڪٽ ڪندا آهن، جيئن ته اڄڪلھ اخبارن وغيره ۾ خبرون ڏسڻ ۾ اينديون آهن۔

ماءُ قدرت جو انمول تحفو

      جڏهن ته ”ماءُ“ ته قدرت جو انمول تحفو (Gift) آهي۔ ”ماءُ“ جو مرتبو قرآن ۽ حديث ۾ بَيان ٿيل آهي، ”ماءُ“ جو فرمانبردار الله پاڪ ۽ ان جي پياري رسول، رَسُولِ مَقبُول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رِضا ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي، جيڪڏهن سڄي زندگي به ماءُ جي خدمت ڪئي وڃي تڏهن به ماءُ جي احسانن جو بدلو لاهي نٿو سگھجي۔ ڇوته ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا پنهنجي  خونِ جگر سان اَولاد کي نپائيندي آهي، ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا پنهنجي اولاد جي آرام جي خاطر پنهنجو چين سُڪون قربان ڪندي آهي۔ ٭