Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا پاڻ ته گرمي برداشت ڪندي آهي پر اولاد کي ان تڪليف سان بچائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي۔ ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا اولاد جي خاطر سياري جون ٿڌيون ۽ وڏيون راتيون جاڳي گذاريندي آهي، ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا پنهنجون خواهشون قربان ڪري اولاد جي خواهشن کي پورو ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندي آهي۔ ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا پنهنجي وات جو گرھ به اولاد جي وات ۾ وجھي خوش ٿيندي آهي ۽ پاڻ بکايل ئي سمهي پوندي آهي۔ ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا اولاد کي گرم ۽ نرم بستر تي سمهاري پاڻ ٿڌي فرش تي ليٽي پوندي آهي۔ ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا مڙس جي وفات کان پوءِ به اولاد کي دربدر ڀٽڪڻ ناهي ڏيندي۔ ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا قرض جي چَڪيءَ ۾ پسجي به اولاد جي فرمائشن کي پورو ڪندي آهي۔ ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا اولاد جي ٿورڙي تڪليف تي به تڙپڻ لڳندي آهي۔ ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا ٿانوء ڌوئي ماڻهن جي گهرن جي صفائي ڪري پنهنجي اولاد جو پيٽ پاليندي نظر ايندي آهي۔ ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا گھر گھر جو چڪر لڳائي پنهنجي اولاد جو سُک تلاش ڪندي نظر ايندي آهي۔ ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا معذور ۽ لاچار اولاد تائين کي به بي سهارو ناهي ڇڏيندي۔ ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا نافرمان ۽ بدڪار اولاد کي به پنهنجي شفقت ڀري سائي ۽ ممتا جي ٿڌاڻ سان محروم ناهي ڪندي۔ ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جنهن جي قدمن هيٺ جنت آهي۔ مطلب ته! ماءُ هڪ اهڙي هستي آهي جيڪا هجي ته اڱڻ ۾ بهار اچي ويندي آهي ۽ جيڪا نه هجي ته تمام تر رونق جي باوجود گھر ويران لڳندو آهي۔ تنهنڪري ماءُ جي خدمت ڪريو، ماءُ کي راضي ڪريو، ماءُ کي ڪڏهن تڪليف نه پهچايو، ماءُ سان ڪڏهن جھيڙو نه ڪريو، ماءُ سان ڪڏهن به وڏي آواز سان نه ڳالهايو۔ ماءُ جي قدر ڪريو۔ ۽ جيڪڏهن ماءُ يا پيءُ يا انهن مان هڪ به ناراض آهي ته يڪدم انهن کي راضي ڪريو۔ ياد رکو! ماءُ جهڙي به هجي ماءُ ماءُ هوندي آهي۔ ماءُ جي حقن کان آجو ٿيڻ ممڪن ئي نه آهي۔