Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! دنيا ڏسڻ ۾ وڏي پُررونق آهي، پر ان جو عيب اهو آهي ته هتي جي هر شيءِ جي ڪا نه ڪا انتها آهي، عَنقريب هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جڏهن دنيا جون تمام رنگينيون ختم ٿي وينديون، دنيا جي خوبصورتي تي زوال اچي ويندو، دنيا اُجڙيل چمن جيان ويران ٿي ويندي، وڏا وڏا جبل وِکرجي ذرا ذرا ٿي ويندا، عاليشان محل ٽٽي پوندا، چمڪندڙ تارا پنهنجي جڳھ ڇڏي ڏيندا، سج ۽ چنڊ جي روشني هلڪي ٿي ويندي، سمنڊ دُکايا ويندا، زمين ائين ڏڪندي جو ڪڏهن نه ڏڪي هوندي، زمين پنهنجو بار ٻاهر اڇلائي ڇڏيندي، آسمان ڦاٽي وهڻ لڳندو، هڪ عجيب منظر هوندو، حال اهو