Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

ماءُ کي ڪلهن تي کڻي گرم پٿرن تي ڇھ ميل.......

هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪيو: هڪ راهه ۾ اهڙا گرم پٿر هئا جيڪڏهن گوشت جو ٽڪرو ان تي رکيو وڃي ها ته اهو ڪَبَاب ٿي وڃي ها! مون پنهنجي ماءُ کي ڪلهي تي ڇهه ميل (تقريباً9.656ڪلوميٽر) تائين کڻي ويو آهيان، ڇا مان ماءُ جي حقن مان آجو ٿي ويو آهيان؟ سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: تنهنجي پيدا ٿيڻ مهل سُور جا جيترا جهٽڪا ان برداشت ڪيا شايد هي ان مان هڪ جهٽڪي جو بدلو ٿي سگھي۔ (معجم صغير،۱/۹۲،حديث:۲۵۷)

اي عاشقانِ رسول! اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي والدين خاص ڪري پنهنجي ماءُ جي خدمت ڪريون، هڪ شخص عَرض ڪيو، يارَسُوْلَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! والِدَين جو پنهنجي اَولاد تي ڪهڙو حق آهي؟فرمايائون: هُمَا جَنَّتُكَ وَنَارُكَ يعني اهي ئي تنهنجي جنّت ۽ تنهنجو دوزخ آهن۔  (ابن ماجه، ڪتا ب الادب ، باب بر الوالدين ،۴/ ۱۸۶،رقم:۳۶۶۲)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان به پنهنجي ماءُ پيءُ کي راضي رکڻ چاهيون ٿا ۽ يقيناً سڀئي چاهيندا هوندا ته اچو! اسان اهڙي سٺي صحبت اِختيار ڪريون جتي ماءُ پيءُ جو ادب ۽ اِحترام سيکاريو ويندو هجي، جتي ماءُ پيءُ جي تعظيم ۽ توقير ڪرڻ سيکاري  ويندي هجي، جتي ماءُ پيءُ جي اڳيان اُف ڪرڻ کان به بچڻ جي ترغيب ڏني ويندي هجي۔ هن پُرفتن دور ۾ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول الله پاڪ جي تمام وڏي نعمت آهي.  اميرِ اهلسنّت، بانيءِ دعوتِ اسلامي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي اصلاحِ امت جي جذبي سان سرشار نيڪي جي دعوت سان اهڙن لکين نوجوانن جي زندگين ۾ مدني اِنقلاب پيدا ٿيو آهي جيڪي پنهنجي والدين جي لاءِ تڪليف جو سبب بڻيل هئا، اهي خوش نصيب اڄ ماءُ پيءُ جي لاءِ راحت جو سامان بڻجي ويا آهن، هڪ تعداد اهڙو هوندو جن جي شرارتن يا بُري حرڪتن جي ڪري ماءُ پيءُ جون ننڊون اڏامي ويون هونديون پر دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول جي برڪت سان هاڻي چين جي ننڊ نصيب ٿي هوندي۔