Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

وغيره. انهن تي ايمان آڻڻ بغير ڪو مسلمان نٿو ٿي سگھي۔ قيامت ڪڏهن ايندي؟ هن جو حقيقي علم ته الله پاڪ ۽ الله جي عطا سان ان جي حبيب، طبيبن جي طبيب عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام کي آهي، پر قُرآنِ ڪريم ۽ اَحاديثِ مُبارڪه ۾ قيامت قائم ٿيڻ جون ڪيئي نشانيون بيان فرمايون ويون آهن، انهن نشانين جو ظاهر ٿيڻ قيامت جي جلد اچڻ جي نشاندهي ڪري ٿو، اڄ جي بيان ۾ اسان قيامت جي نشانين جي باري ۾ ٻڌنداسين۔ اي ڪاش! اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي۔

    اچو! سڀ کان پهريان هڪ حديثِ پاڪ ٻڌون ٿا:

جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام بارگاههِ مصطفٰي ۾

حضرت عمر بن خطاب رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، فرمائن ٿا ته هڪ ڏينهن اسان نبي ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وٽ ويٺا هئاسين ته اوچتو بلڪل سفيد لباس ۽ نهايت ڪارن وارن وارو هڪ شخص آيو، اهو نه ڪوئي مسافر لڳي رهيو هو ۽ نه ئي اسان مان ڪو ان کي سڃاڻندو هو۔ هو پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وٽ اچي ويهي رهيو ۽ ان پنهنجا گوڏا رسولِ رحمت، شفيعِ امت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ گوڏن سان ملائي ڇڏيا ۽ پنهنجا هٿ گوڏن تي رکي ڇڏيا ۽ چوڻ لڳا: اي محمد!(صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) مون کي اسلام جي باري ۾ ٻڌايو؟ پياري آقا، مديني واري مُصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: اِسلام اهو آهي ته تون هن ڳالھ جي شاهدي ڏئين ته الله پاڪ کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ناهي ۽ محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله جا رسول آهن، ۽ تون نماز قائم ڪرين، زڪوة ڏئين، رمضان جا روزا رکين ۽ طاقت هجي ته ڪعبةالله جو حج ڪرين۔ ان چيو: اوهان سچ فرمايو۔ اسان کي هن تي تعجب ٿيو ته پاڻ ئي سوال ڪري ٿو ۽ پوءِ پاڻ ئي تصديق به ڪري ٿو۔ پوءِ ان چيو: مون کي ايمان جي باري ۾ ٻڌايو؟ نور جي پيڪر، تمام نبين جي سَروَر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: ايمان اهو آهي ته تون الله پاڪ، ان جي ملائڪن، ان جي ڪتابن، ان جي رسولن، آخرت ۽ تقدير جي چڱي ۽ بُري هئڻ تي ايمان آڻين۔ ان چيو: اوهان سچ فرمايو۔ وري