Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

وڄي رهيون هونديون آهن ته اتي به گاني ۽ ميوزڪ جو آواز گونجڻ لڳندو آهي۔ الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

قيامت جي تياري ڪريو!

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان قيامت جي نشانين جي باري ۾ ٻڌو۔ يقيناً اسان جو ايمان آهي ته قيامت هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور اچڻي آهي۔ اڄ ضرورت هن ڳالھ جي آهي ته اسان پنهنجي اعمال ۽ احوال ۾ اهڙي تبديلي آڻيون جيڪا اسان کي قيامت جي هولناڪين کان بچائي سگھي۔

حَضرتِ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اِرشاد فرمائن ٿا: جيڪو دُنيا ۾ رهي قِيامَت جي باري ۾ گھڻو غور و فِڪر ڪندو، اهو انهن هولناڪين کان گھڻو مَحفوظ رهندو۔ بيشڪ الله ڪريم ٻانهي تي ٻه خوف جمع ناهي ڪندو، لهٰذا جيڪو دُنيا ۾ هنن هولناڪين جو خوف رکندو اهو آخرت ۾ انهن کان مَحفُوظ رهندو ۽ خوف مان مُراد عَورتن جيان روئڻ ڌوئڻ ناهي جو لڙڪ وهايون ۽ ٻڌڻ جي وقت دِل نَرم ٿي وڃي پوءِ توهان ان کي وساري پنهنجي راند روند ۾ مشغول ٿي وڃو۔ اهڙي حالَت جو خوف سان ڪو تَعلُّق ناهي، بلڪ جيڪو شَخْص جنهن شيءِ جو خوف رکندو آهي ان کان ڀڄندو آهي ۽ جنهن شيء جي اُميد رکندو آهي ان کي طَلَب ڪندو آهي۔ لهٰذا توهان کي اهو ئي خوف نَجات ڏيندو جيڪو الله ڪريم جي نافرماني کان روڪي ۽ ان جي عِبادت ۽ فرمانبرداري تي اڀاري ۔ (احياء العلوم،ڪتاب ذڪر الموت ۔۔۔الخ،۵/۲۸۶۔۲۸۷)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

مجلس سوشل ميڊيا(دعوتِ اسلامي) جو تعارف

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ميڊيا جي هن دور ۾ ٽيڪنالوجي پنهنجي عروج تي پهچي چڪي آهي۔ خاص طور تي انٽرنيٽ جي ايجاد کان پوءِ سوشل ميڊيا