Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

مدينه" جي برڪت سان مسجد جي پهرين صف ۾ تڪبيرِاُوليٰ سان فجر نماز جي ادائيگي ٿي سگھي ٿي۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان "نيڪي جي دعوت" ڏيڻ جو ثواب به حاصل ڪري سگھجي ٿو۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان دعوتِ اسلامي جي نيڪ نامي ۽ تشهير ٿيندي۔ ٭ "صداءِ مدينه" لڳائڻ وارو باربار مُسلمانن کي حج ۽ مٺو مدينو ڏسڻ جي دُعا ڏيندو آهي، الله پاڪ چاهيو ته اهي دُعائون، ان جي حق ۾ به قبول ٿينديون۔ ٭ "صداءِ مدينه" ۾ پيدل هلڻ جي برڪت سان صحت به سٺي ٿيندي. ٭ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول ۾ مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ بيدار ڪرڻ کي ”صَداءِ مدينه“ لڳائڻ چئبو آهي، مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ سُنّتِ مُصطفٰي، سُنّتِ داؤدي (يعني حضرت سيدنا داؤد عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي سنت) ۽ سُنّتِ صَحابه آهي،

 اَمِيرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه نمازِ فجر جي لاءِ ماڻهن کي جاڳائيندي مسجد تشريف فرما ٿيندا هئا۔ (طبقات ڪبريٰ،ذڪر استخلاف عمر، ۳/۲۶۳ مفهوماً) اچو! ترغيب لاءِ صداءِ مدينه لڳائڻ بابت هڪ مَدَني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو،

صَداءِ مدينه جون بَرَڪتون

هڪ اسلام ڀاءُ جو چوڻ آهي ته اَلْحَمْدُ لِلّٰه مون کي مديني شريف جي حاضري جي سعادت حاصل ٿي آهي ۽ اهو سڀ صداءِ مدينه جون برڪتون آهن ڇوته مان پابندي سان صداءِ مدينه لڳائيندو آهيان۔

هڪ اسلامي ڀاءُ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دَعوَتِ اِسلَامي جي مَدَني قافِلي سان گڏ هڪ شهر ۾ ويا، اَذانِ فَجر بعد اهي صداءِ مدينه لڳائيندا وڃي رهيا ها ته اوچتو هڪ گھر مان هڪ ماڊرن نوجوان انهن سان شامِل ٿيو ۽ ان فَجر جي نَماز مَسجِد ۾ باجَمَاعَت ادا ڪئي۔ بعد ۾ ان نوجوان جو والِد مَدَني قافِلي وارن عاشِقانِ رسول سان ملڻ آيو۔ جيڪو هڪ مالدار شخص هو۔ اُن اچي ٻڌايو ته صداءِ مدينه جي بَرَڪت سان ان جو نافرمان ماڊرن (Modern) بي نَمازي پٽ پَنج وَقت نَماز پڙھڻ لڳو آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه ان ماڊرن نوجوان جي والد ان شهر ۾ مَدَني مَرڪز فَيضانِ مدينه جي لاءِ زمين به ڏني۔