Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

(Social Media) جي ذريعي سڄي دُنيا ۾ ڪٿي به روابط جو هڪ نيو سلسلو شروع ٿيو آهي۔ فيس بڪ(Facebook)، انسٽا گرام (Instragram)، واٽس ايپ(Whatsapp)، ٽوئٽر (Twitter) ۽ هن طرح جي ٻين ويب سائٽس (Websites) سڄي دنيا ۾ پنهنجا ڪروڙين صارفين بڻايا آهن۔ هڪ اندازي جي مطابق هن وقت صرف پاڪستان ۾ ڪم و بيش 50 ملين (يعني پنج ڪروڙن) کان وڌيڪ سوشل ميڊيا اڪاؤنٽس موجود آهن۔ انهن ماڻهن تائين قرآن و سنت جو پيغام پهچائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي هڪ مجلس بنام ”مجلس سوشل ميڊيا“ قائم ڪئي۔ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت ”مجلس سوشل ميڊيا“ هن وقت جن ويب سائٽس تي ڪم ڪري رهي آهي، انهن ۾ يوٽيوب (YouTube) ، فيس بڪ، ٽوئٽر، انسٽاگرام، ٽيلي گرام(Telegram) ۽ واٽس ايپ شامل آهن۔

فيس بڪ (Facebook) تي 10 پيجز (Pages) تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جن ۾ دعوتِ اسلامي، مولانا الياس قادري، مولانا عبيد رضا، حاجي عمران عطاري، حاجي شاهد عطاري، دارالافتاء اهلسنت، مدني نيوز، مدني چينل، مدني چينل لائيو ۽ 30 سيڪنڊ ۽ ليس (Thirty seconds or less) شامل آهن، جن سڀ تي ملڻ وارن لائيڪ جي ڪل تعداد ڪروڙين ۾ آهي۔

يوٽيوب (YouTube) تي به 10 چينلز تي ڪم جاري آهي ۔ جن ۾ مدني چينل (Madani Channel)، مولانا الياس قادري(Maulana Ilyas Qadri)، اسلام فور ڪڊز (Islam for kids )، مولانا عبيد رضا عطاري (Maulana Ubaid Raza Attari)، مولانا عمران عطاري (Maulana Imran Attari)، عبدالحبيب عطاري (Abdul Habib Attari)  مدني چينل اردو لائيو (Madani Channel Urdu Live)، مدني چينل انگلش (Madani Channel English)، مدني چينل انگلش لائيو(Madani Channel English Live) ۽ نعت پروڊڪشن (Naat Production) شامل آهن۔ ان تمام پيجز جي صارفين (Subscribers) جو تعداد گڏجي تقريباً 1.7 ملين تائين پهتل آهي۔