Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

اچي ويو ته ضرور ڪجھ نه ڪجھ تڪليف ۽ پريشاني ٿيندي ۽ چاهي ڪيترو ئي يقيني طور تي ڪم ٿيڻ جو اعتماد ۽ ڀروسو هجي پر انهن جو خيال آهي ته ڪا نه ڪا ضرور رڪاوٽ ۽ پريشاني ٿيندي۔ اهڙي طرح انهن ماڻهن کي انهن جي خيال مطابق هر دفعي تجربو ٿيندو رهيو آهي ۽ اهي ماڻهو برابر ان ڳالھ جو خيال رکندا آهن ته جيڪڏهن ڪيڏانهن ويندي اهو سامهون اچي ويو ته واپس پنهنجي گھر موٽي ايندا آهن ۽ ٿوري دير کان پوءِ اهو معلوم ڪندا آهن ته اهو منحوس ڪٿي رستي تي اڃان بيٺو ته نه آهي! پوءِ پنهنجي ڪم لاءِ ويندا آهن۔ هاڻي سوال هي آهي ته انهن ماڻهن جو اهو عقيدو ۽ انداز ڪيئن آهي؟ ڪا شرعي قباحت ته ناهي؟

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جواب ڏنو؛ شريعت مطهّره (پاڪيزه شريعت) ۾ ان جي ڪابه حقيقت ناهي، ماڻهن کي پنهنجو وهم اڳيان ايندو آهي۔ شريعت ۾ حڪم آهي؛ اِذَا تَطَیَّرْتُمْ فَامْضُوْا يعني جڏهن ڪو بروگمان اچي ته ان تي عمل نه ڪيو۔ اهو يهودين جو طريقو آهي، مسلمان کي گھرجي ته اهڙي موقعي تي اَللّٰہُمَّ لَاطَیْرَ اِلَّا طَیْرُکَ، وَلَا خَیْرَ اِلَّا خَیْرُکَ، وَلَا اِلٰہَ غَیْرُکَ (ترجمو: اي الله! ناهي ڪا برائي پر تنهنجي طرفان ۽ ناهي ڪا ڀلائي پر تنهنجي طرفان ۽ توکان سواءِ ڪو معبود ناهي) پڙهي، پنهنجي ربّ تي ڀروسو ڪري، پنهنجي ڪم لاءِ هليو وڃي، هرگز نه بيهي، نه واپس موٽي اچي۔ وَاﷲُ تعالٰي اَعْلَمُ  (فتاويٰ رضويه،۲۹/۶۴۱ ملخصاً)

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! هن مُعاملي ۾ اسان جي بزرگ سڳورن جي زندگي اسان جي لاءِ پيروي لائق آهي۔ اهي حضرات ڪنهن مخصوص شخص، جڳھ، وقت يا شيء کي پنهنجي لاءِ منحوس خيال ڪري بدفالي وٺڻ يا تارن جي زائچن تي يقين رکڻ جي بدران رَبِّ ڪريم جي ذات تي ڪامل يقين رکندا هئا۔ اچو! هن باري ۾ 2 ايمان افروز حڪايتون ٻڌون ٿا، جيئن

سفر تان نه رُڪيا

اميرالمؤمنين مولا مشڪل ڪشا حضرت سيِّدُنا عليُّ المرتضيٰ رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جڏهن