Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

(۱) پهرين رات جا نفل

صفر جي مهيني جي پهرين رات ۾ نمازِ عشاء کان پوءِ هر مسلمان کي گھرجي ته چار (4) رڪعت نماز پڙھي۔ پهرين رڪعت ۾ سورهٔ فاتحه کان پوءِ سوره ڪافرون (قُلْ يٰااَيُّھَا الْکٰفِرُوْن) پندرهن (15) ڀيرا پڙھي، ٻي رڪعت ۾ سوره فاتحه کان پوءِ سوره اخلاص (قُلْ هوَ الله اَحَد) يارهن (11) ڀيرا پڙھي، ٽئين رڪعت ۾ سورهٔ فاتحه کان پوءِ سوره فلق (قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ الْفَلَق) پندرهن (15) ڀيرا پڙھي ۽ چوٿين رڪعت ۾ سورة الناس (قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ النَّاس) پندرهن (15) ڀيرا پڙھي، سلام ڦيرڻ کان پوءِ ڪجھ ڀيرا اِياک نَعْبُدُ وَ اِياک نَسْتَعِين پڙھي۔ پوءِ ستّر (70) ڀيرا درود شريف پڙھي ته الله پاڪ ان کي وڏو ثواب عطا فرمائيندو ۽ ان کي هربَلا کان محفوظ رکندو۔ (راحت القلوب فارسي، ص۶۱)

یانبی تیری دُہائی آفتوں میں گِھر گیا

رُخ بدل دے مشکلوں کا اور بلائیں مجھ سے پھیر

(وسائلِ بخشش مُرمَّم،ص۲۳۴)

 (2)بلائن کان حفاظت

جيڪو صَفَرُالْمُظَفَّر جي آخري اربع جو چار رڪعت هن طرح پڙھي جو هر رڪعت ۾ سوره فاتحه کان پوءِ سترهن (17) ڀيرا سورهٔ ڪوثر (اِنَّا اَعْطَينٰکَ الْکَوْثَر) ۽ پنج پنج بڀرا سورهٔ اخلاص (قُلْ هوَ الله اَحَد)، سورهٔ فلق (قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ الْفَلَق) ۽ سورة الناس(قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ النَّاس) پڙھي ۽ سلام کان پوءِ هي دعا پڙھي:

یَاشَدِ یْدَ الْقُویٰ یَاشَدِ یْدَ الْمِحَالِ یَاعَزِ  یْزُ ذَ لَّلْتَ بِعِزَّ تِکَ
جَمِیْعَ خَلْقِکَ اَ کْفِنِیْ مِنْ جَمِیْعِ خَلْقِکَ یَا مُحْسِنُ یُامُجْمِلُ یَامُفَضِّلُ یَامُنْعِمُ یَامُکَرِّمُ
یَا مَنْ لَّا اِلٰہَ اِلَّا اَنْتَ بِرَحْمَتِکَ یَا اَرْحَمَ الرّٰ حِمِیْن