Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

اَلْحَمْدُ لِلّٰه علم ِ دين جو نور ڦھلائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مجلس آئي ٽي (I.T) جي تعاون سان ”دارالافتاء اهلسنّت“ موبائل ايپليڪيشن (Application) به اچي چڪي آهي ۽ وڌيڪ ترقي جو سفر جاري آهي۔ الله ڪريم ”دارُالاِفتاء اهلسنّت“ کي اڃان وڌيڪ تَرَقِّيون عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي پاڙيسري جي باري ۾ ڪجھ نڪتا بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو۔

پاڙيسري جي باري ۾ ڪجھ نڪتا!

پهريان ٻه فرمانِ مصطفي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: (1) فرمايائون: الله پاڪ جي ويجھو بهترين پاڙيسري اهو آهي جيڪو پنهنجي پاڙيسري جو خير خواه هجي۔ (تِرمِذي، ڪتاب البر ولصلۃ ،باب ما جاء في حق الجوار،۳/۳۷۹، حديث: ۱۹۵۱) (2) فرمايائون: جنهن پنهنجي پاڙيسري کي اِيذاء ڏنو ان مون کي اِيذايو ۽ جنهن مون کي اِيذايو ان الله پاڪ کي اِيذايو۔ (الترغِيب والترهيب،۳/۲۸۶، حديث:۳۹۰۷) ٭ ”نُزهةُ القاري“ ۾ آهي: پاڙيسري ڪير آهي ان کي هر شخص پنهنجي عُرف ۽ معاملي سان سمجھي سگھي ٿو۔ (نزهۃ القاري،۵/۵۶۸) ٭ امام محمد بن محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: پاڙيسري جي حقن مان اهي به آهن ته ان کي سلام ڪرڻ ۾اڳرائي ڪري. ٭ ان کان ڊگھي گفتگو نه ڪري، ٭ ان جي حالات جي باري ۾ وڌيڪ پڇا ڳاڇا نه ڪري. ٭ هو بيمار هجي ته ان جي مزاج پُرسي ڪري، ٭ مصيبت جي وَقت ان جي غم خواري ڪري ۽ ان جو ساٿ ڏئي۔ ٭ خوشي جي موقعي تي ان کي مبارَڪ باد ڏئي ۽ ان سان خوشي ۾ شرڪت ظاهر ڪري۔ ٭ ان جي لغزِشن کي در گذر ڪري، ٭ ڇت تان ان جي گھر ۾ نه جھاتي پائي، ٭ ان جي گھر جو رستو تنگ نه ڪري۔ ٭