Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

هو پنهنجي گھر ۾ جيڪو ڪجھ وٺي وڃي رهيو آهي ان کي ڏسڻ جي ڪوشش نه ڪري۔ ٭ ان جي عيبن تي پردو وجھي، ٭ جيڪڏهن اهو ڪنهن حادِثي يا تڪليف جو شڪار هجي ته يڪدم ان جي مدد ڪري۔ ٭ جڏهن هو گھر ۾ موجود نه هجي ته ان جي گھر جي حفاظت کان غفلت نه ڪري۔ ٭ ان جي خلاف ڪا ڳالھ نه ٻڌي ۽ ان جي گھروارن کان نگاهن  کي هيٺ  رکي۔ ٭ اُن جي ٻارن سان نَرم گُفتگو ڪري، ٭ ان کي جن ديني يا دُنيوي اُمور جو علم نه هجي ان جي باري ۾ انهن جي رَهنمائي ڪري۔ (اِحياءالعلوم،۲/۲۶۷،ملخصاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں اور آداباميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا ٻه رسالا ”101 مدني گل“ ۽ ”163 مدني گل هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهو. سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَآءَ الله! ايندڙ هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جو موضوع هوندو: ”اسان ڇو نٿا بدلجون؟“ جنهن ۾ اسان کي خبر پوندي ته اهي ڪهڙا سبب آهن جيڪي اسان کي الله پاڪ جي عبادت کان غافل ۽ ٻانهن جي حقن جي ادائيگي کان بي پرواھ ڪري ڪوڙ، غيبت، چغلي ، ڌوڪو، دنيا جي محبت ۾ بد مست ۽ آخرت جي تياري کان غافل ڪنديون آهن۔ انهن سبب مان ڪجھ جي باري ۾ ايندڙ اجتماع ۾ ٻڌايو ويندو۔