Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

مغفرت کا ہوں تجھ سے سُوالی                                              پھیرنا اپنے در سے نہ خالی

مجھ گنہگار کی التجا ہے                                                    یاخدا تجھ سے میری دعا ہے

(وسائل بخشش مرمم،ص۱۳۶)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم’’چوڪ درس‘‘

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! صَفَرُالمُظَفَّر جي اهميت کي سمجھڻ، هن مهيني جون برڪتون ماڻڻ ۽ هن بابت ڦهليل غلط فهمين کان نجات جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو مَدَني ماحول هڪ تمام وڏي نعمت آهي، لهٰذا هن نعمت مان فائدو کڻو، اڄ بلڪه هينئر کان ئي هن ماحول جي برڪتن کي ماڻڻ وارن عاشقان ِرسول ۾ شامل ٿي ذيلي حلقي ۾ مدني ڪمن جي مضبوطي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ثوابِ عظيم جا حق دار بڻجي وڃو۔

   ياد رهي! ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”چوڪ دَرس“ به آهي۔ ماه صَفَرُالمُظَفَّر پنهنجون برڪتون لٽائي رهيو آهي، هي اهو ئي مهينو آهي جنهن ۾ يومِ رضا به آهي، اي ڪاش!اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي پنجويهين جي نسبت سان هر ذيلي حلقي ۾ 25 چوڪ درس شروع ٿي وڃن ته نيڪي جي دعوت جي ڌُوم مچي وڃي۔ هن جي برڪت سان هر پاسي فيضانِ رضا عام ٿيندو ۽ هر پاسي مدني ڪمن جون مدني بهارون هونديون. اِنْ شَاۤءَ الله

   12مدني ڪمن مان هن مدني ڪم ”چوڪ دَرس“ جي تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رِسالي ”چوڪ دَرس“ جو مطالعو ڪريو، تمام ذِمه دارانِ دعوتِ اسلامي هن رِسالي جو لازمي مطالعو فرمائن۔ اهو رِسالو مڪتبة المدينه تي دَستياب هئڻ سان گڏوگڏ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان به پڙھي سگھجي ٿو۔