Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

خارجين سان جنگ لاءِ سفر جو ارادو ڪيو ته هڪ نجومي رڪاوٽ بڻجي چوڻ لڳو؛ اي اميرالمؤمنين اوهان نه وڃو، حضرت سيِّدُنا عليُّ المرتضيٰ رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جن سبب پڇيو ته ان چيو؛ هن وقت چنڊ عَقرَب (آسمان جي برجن مان هڪ بُرج جو نالو) ۾ آهي جيڪڏهن اوهان هن وقت ويندؤ ته اوهان کي شڪست ٿيندي، اهو ٻڌي حضرت سيِّدُنا عليُّ المرتضيٰ رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جواب ڏنو؛ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم، حضرت صديق ۽ عمر رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا نجومين تي اعتقاد نه رکندا هئا، مان الله عَزَّوَجَلَّ تي توڪّل رکندي ۽ تنهنجي ڳالھ کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ لاءِ لازمي سفر ڪندس۔ پوءِ پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْهُ انهيءَ جهاد جي سفر لاءِ روانا ٿي ويا۔ الله تعاليٰ سندن کي رسولُ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي حياتِ ظاهري کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ بَرَڪت انهيءَ سفر ۾ عطا فرمائي ايتريقدر جو سمورا دشمن قتل ڪيا ويا ۽ حضرت سيِّدُنا عليّ المرتضيٰ  رَضِیَ اللهُ عَنْهُ خوش ٿي، فتح حاصل ڪري واپس موٽيا۔ (غذاء الالباب شرح منظومۃ الآداب ، مطلب في اتلاف آلۃ التنجيم والسحر، ۱/۱۹۱بتغير قليل)

بدفالي جي ترديد

اميرُالمُؤمِنِين حضرت سيدنا عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي غلام حضرت مُزاحِم جو بيان آهي؛ جڏهن اسان مدينه طيّبه مان نڪتاسين ته مون ڏٺو چنڊ ”دَبَران“ ۾ آهي، مون انهن کي هي چوڻ مناسب نه سمجھيو بلڪ هي چيو؛ ٿورو چنڊ ڏانهن ته نهاريو، ڪيڏو نه خوبصورت پيو لڳي! پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڏٺو ته چنڊ دَبَران ۾ هو، فرمايائون شايد اوهان مون کي هي ٻڌائڻ چاهيو ٿا ته چنڊ دَبَران ۾ آهي، مُزاحم! اسان سج چنڊ سان گڏ ناهيون، بلڪ الله واحد و قهّار جي حڪم ۽ مشيّت سان نڪرندا آهيون۔ (سيرت ابن عبدالحڪم ،ص۲۷)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رهي! دَبَران چنڊ جي هڪ منزل جو نالو آهي، ان وقت چنڊ ثريّا ۽ جوزا جي وچ ۾ هوندو آهي۔ عرب ۾ نجومين جو هي وهم رائج هو ته اها گهڙي منحوس هوندي آهي، حضرت مزاحم جو اشارو غالبًا انهيءَ طرف هو۔ (حضرت سيدنا عمر بن عبدالعزيز ڪي425حڪايات،ص۹۰) لهٰذا حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه الله پاڪ تي توڪل جو درس ڏئي انهن جي هن وهم ۽