Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

ختم ڪري واپس وڃڻ ۾ ئي عافيت آهي۔ ڇو ته ان جي خيال جي مطابق ايترين سارين بد فالين (يعني بدشگونين) کان پوءِ ان جي حاجت جو پورو ٿيڻ ممڪن نه هو، جڏهن ته سفر ڪرڻ به ضروري هو، تنهنڪري ان سفر ختم نه ڪيو۔ جڏهن هو اتي پهتو ته ان کي ايتري رقم ملي وئي جو ان کان پهريان ان ڪڏهن نه ڏٺي هئي ۽ نه ئي ان کي ان جي توقع هئي۔ پنهنجي حاجت جي هن طرح پورو ٿيڻ کان پوءِ ان اهو ذهن بڻائي ورتو ته بدفالي جي ڪا حقيقت نه آهي۔

هن حڪايت مان انهن ماڻهن جي وهم جي مڪمل ڪاٽ ٿي وئي جيڪي ڪنهن انسان، جانور، ڪنهن ڏينهن يا مهيني کي صرف پنهنجي وهم جي بنياد تي منحوس خيال ڪن ٿا جڏهن ته شريعت ۾ ان جي ڪا حقيقت ناهي۔

ياد رکو! جيڪو شخص وهم جي آفت ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي ته ان کي هر شيءَ منحوس محسوس ٿيڻ لڳندي آهي، ايستائين جو وهمي شخص ڪم عقل ماڻهن جي ڳالهين ۾ اچي غلط فيصلو ڪري نه صرف پاڻ آزمائش ۾ مبتلا ٿيندو آهي بلڪ ٻين ماڻهن جي لاءِ به وبالِ جان بڻجي ويندو آهي۔

ڪنهن مسلمان جي مَنحوس هئڻ جو خيال نفرت جي وبال ۾ وجھي سگھي ٿو۔ مَنحوس هئڻ جو وهم شيطان جو اهو هٿيار آهي جيڪو مسلمانن کي هڪٻئي ۾ ويڙهائي، لڙائي، جھيڙو ڪرائي، چين ۽ سڪون جي بردبادي جو سبب بڻجي ويندو آهي۔ اها ڳالھ چڱي طرح ذِهن نشين ڪريو ته ڪنهن شخص، هنڌ، شيء يا وَقت کي منحوس سمجھڻ جو اسلام ۾ ڪو تصوُّر ناهي اهي رڳو وهمي خيال هوندا آهن۔

اعليٰ حضرت، امامِ اهلِسنّت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان اهڙي قسم جو سوال ڪيو ويو ته هڪ شخص جي باري ۾ هي مشهور آهي ته جيڪڏهن صبح جو ان جي منحوس صورت ڏسي ورتي يا ڪنهن ڪم سان ويندي اهو سامهون