Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

اهڙي طرح صفر جي هر گھڙي رحمت ڀري آهي۔ البت جيڪڏهن ڪو هن مهيني ۾ الله پاڪ جي نافرمانين ۾ مشغول رهي ۽ پوءِ ڪنهن مصيبت ۾ گرفتار ٿي وڃي ته اهو ان جي گناهوں جي نحوست ته ٿي سگھي ٿي پر هن مهيني سان ان نحوست جو ڪوئي تعلق نه هوندو۔ جيئن ته

تفسير رُوح البيان ۾ آهي؛ صفر وغيره ڪنهن مهيني يا مخصوص وقت کي منحوس سمجهڻ دُرست ناهي۔ سڀئي وقت الله پاڪ جا ٺاهيل آهن ۽ انهن ۾ انسانن جا عمل واقع ٿيندا آهن۔ جنهن وقت ۾ مؤمن ٻانهو الله پاڪ جي اطاعت ۽ بندگي ۾ مشغول هجي اهو وقت مبارڪ آهي ۽ جنهن وقت ۾ الله پاڪ جي نافرماني ڪري، اهو وقت ان لاءِ منحوس آهي، حقيقت ۾ اصل نحوست ته گناهن ۾ آهي۔ (تفسيرروح البيان، پ ۱، التوبۃ،تحت الآيۃ ۳۷، ۳/۴۲۸)

گناہوں سےمرا سارا وجود افسوس ہے لتھڑا   مجھے اب پاک کردیجے گناہوں کی نحوست  سے

(وسائل ِبخشش مُرَمَّم،ص۴۰۲)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

صَفَرُالمُظَفَّر ڪيئن گذاريون؟

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! صفر به سال جي ٻين مهينن جيان هڪ بابرڪت مهينو آهي، لهٰذا هن مهيني کي به ٻين مهينن وانگر بابرڪت سمجھڻ گھرجي، هن مهيني ۾ به گناهن کان بچندي خوب خوب نيڪ عمل ڪرڻ گھرجن، نفل روزن جو اهتمام (Arrangement) ڪرڻ گھرجي، نفل ۽ ذڪر و درود جي ڪثرت ڪرڻ گھرجي ۽ صَفَرُالْمُظَفَّر بابت اسان جي بزرگ سڳورن رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم کان جيڪي اَوراد ۽ وَظائف منقول آهن، انهن تي عمل ڪرڻ گھرجي۔ اِنْ شَآءَ الله ان جي برڪت سان کوڙ ڀلائيون نصيب ٿينديون۔ اچو! صفر جي مهيني بابت بزرگانِ دِين کان منقول نفل ۽ وظيفن وغيره جي باري ۾ ٻڌون ٿا،