Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

المُظَفَّر يعني ڪاميابي جو مهينو چيو ويندو آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه صَفَرُالْمُظَفَّر جي هن مقدس ۽ برڪت واري مهيني ۾ ڪيئي عظيمُ الشّان ۽ تاريخي واقعا ظاهر ٿيا آهن، مثال طور

صفر جي مهيني پيش ايندڙ ڪجھ تاريخي واقعا

٭ صَفَرُالْمُظَفَّر جي مهيني ۾ هجرت جي ٻئي سال اميرُ المؤمنين حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنْه ۽ خاتونِ جنت حضرت فاطمه زهره رَضِىَ اللهُ عَنْها جي شادي خانه آبادي ٿي۔ (الڪامل في التاريخ، ۲/۱۲) ٭صَفَرُالْمُظَفَّر جي مهيني ۾ مسلمانن کي فتحِ خيبر نصيب ٿي۔ (البدايۃ والنهايۃ،۳/ ۳۹۲) ٭ صَفَرُالْمُظَفَّر جي مهيني ۾ سَيفُ الله حضرت خالد بن وليد، حضرت عمرو بن عاص ۽ حضرت عثمان بن طلحه رَضِىَ اللهُ عَنْهم بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿي اسلام قبول ڪيو۔ (الڪامل في التاريخ،۲/۱۰۹) ٭صَفَرُالْمُظَفَّر جي مهيني ۾ مدائن (جنهن ۾ ڪسريٰ جو محل هو) کي فتح ڪيو ويو۔ (الڪامل في التاريخ،۲/۳۵۷) ٭ صَفَرُالْمُظَفَّر جي مهيني ۾ اميرُالمؤ منين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي دورِ خلافت ۾ 16ھ ۾ حضرت سعد بن اَبي وقاص رَضِىَ اللهُ عَنْه ڪسريٰ جي محل ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي ۽ اهو پهريون جمعو هو جيڪو عراق جي مملڪت ۾ پڙھيو ويو۔ ٭ صَفَرُالْمُظَفَّر جي مهيني ۾ سن 11هجري ۾ ئي ڪوڙي نبوت جي دعويدار اَسوَد عَنسي ڪذَّاب کان مسلمانن نجات ماڻي۔ (فيضانِ صديق اڪبر،ص۳۹۱)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته! صَفَرُالْمُظَفَّر ڪيترو پيارو مهينو آهي ۽ هن مبارڪ مهيني ۾ ڪهڙا ڪهڙا عظيمُ الشّان واقعا ٿيا! ٿورو سوچيو! جنهن مقدس مهيني ۾ اهڙا اهم واقعا ٿيا هجن اهو مهينو ڪهڙي طرح منحوس ٿي سگھي ٿو؟ افسوس صد ڪروڙ افسوس! عِلمِ دين کان دُوري ۽ بُري صحبت جي سبب ماڻهن جو هڪ تعداد صَفَرُالْمُظَفَّر جهڙي بارونق ۽ بابرڪت