Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

سمجھندا آهن ٭ ڪڏهن جُتي لاهڻ وقت جُتي جو ٻي جُتي جي مٿان اچڻ سان بدفالي محسوس ڪندا آهن ٭ ساڄي اک ڦڙڪي ته هي يقين ڪندا آهن ته ڪا مصيبت ايندي ٭ جمعي جي ڏينهن عيد ٿئي ته موجوده حڪومت لاءِ ڳرو سمجهندا آهن ٭ ڪڏهن ٻلي جي روئڻ کي ته ڪڏهن رات جي وقت ڪتي جي اونائڻ کي منحوس سمجھندا آهن ٭ پهريون گراهڪ سامان وٺڻ کان سواءِ هليو وڃي ته دڪاندار ان کي بدفالي سمجهندا آهن ٭ نئين ڪنوار گھر اچڻ تي خاندان جو ڪو ماڻهو فوت ٿي وڃي يا ڪنهن عورت کي رڳو ڇوڪريون ئي پيدا ٿين ته ان تي منحوس هجڻ جو ليبل لڳي ويندو آهي ٭ جيڪڏهن ڪا عورت اميد سان هجي ته ان کي ميّت جي ويجهو ناهن اچڻ ڏيندا جو ٻار تي برو اثر پوندو ٭ جوان عورت بيوھ ٿيڻ تي ان کي منحوس سمجھندا آهن، ۽ هي به سمجھندا آهن ته ٭ خالي قينچي هلائڻ سان گھر ۾ جھڳڙو ٿيندو آهي ٭ ڪنهن جو ڪنگو استعمال ڪرڻ سان ٻنهي ۾ جھڳڙو ٿيندو آهي ٭ خالي ٿانوَ يا چمچا پاڻ ۾ ٽڪرائڻ سان گھر ۾ جھڳڙو ٿيندو آهي ٭ جڏهن ڪڪرن ۾ کنوڻ ٿي رهي هجي ۽ سڀ کان وڏو ٻار گھران ٻاهر نڪري ته سمجھندا آهن ته ان تي کنوڻ ڪري پوندي ٭ ٻار جا ڏند ابتا نڪتا ته ناناڻي (يعني مامن وغيره) تي ڏکيا ثابت ٿيندا آهن ٭ ننڍو ٻار ڪنهن جي ٽنگن جي وچان لنگهي وڃي ته ان ٻار جو قد ننڍو ٿيندو آهي ٭ ٻار ستو پيو هجي ان جي مٿان ڪو ٽپيو ته ٻار جو قد ننڍو ٿيندو آهي ٭ مغرب کان پوءِ دروازي تي نه ويهڻ گھرجي ڇوته مصيبتن جو گذر ٿيندو آهي ٭ زلزلي دؤران جيڪو ڀڄندي زمين تي ڪري پيو اهو گونگو ٿي ويندو ٭ رات جو آئيني ڏسڻ سان منهن تي نشان ٿي پوندا آهن ٭ آڱرين مان ٺڪاءُ ڪڍڻ سان نحوست ٿيندي آهي ٭ سج گرهڻ وقت اُميد واري عورت ڇُري سان ڪا شيء نه ڪٽي نه ته ٻار هٿ يا پير ڪٽيل يا چيريل ڄمندو ٭ نئين ڄاول ٻار جا ڪپڙا ڌوئي نه نپوڙجن نه ته ٻار جي جسم ۾ سور ٿيندو ٭ ڪڏهن نمبرن مان بدفالي مراد وٺندا آهن ٭ مغرب جي اذان وقت سڀئي بلب ٻارڻ گھرجن نه ته مصيبتون نازل ٿينديون آهن۔ ذڪر ڪيل مٿين بدفالين کان