Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

بدفالي کي رد ڪري ڇڏيو۔

معلوم ٿيو! ٭ الله وارا نجومين تي اعتماد ناهن ڪندا، ٭ الله وارا چنڊ تارن جي تاثير کي ناهن مڃندا، ٭ الله وارا بدفالي ناهن وٺندا، ٭ الله وارا بدفالي جي حقيقت کي تسليم ناهن ڪندا، ٭ الله وارا چنڊ تارن جي تاثير مڃڻ وارن جي اصلاح ڪندا آهن ٭ الله وارا الله پاڪ جي ذات تي ڪامل ڀروسو رکندا آهن، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان به انهن بزرگن جي نقشِ قدم تي هلندي وهم ۽ بدفالي، چنڊ تارن جي تاثير ۽ نجومين تي اعتماد ڪرڻ جي بدران صرف الله ڪريم جي ذات تي ڀروسو ڪرڻ سکون، ڇوته

اللہ پاڪ تي ڀروسو ڪرڻ جون بَرڪتون

٭ جيڪو الله پاڪ تي ڀروسو ڪندو آهي اهو هميشه خوش رهندو آهي، ٭ جيڪو الله پاڪ تي ڀروسو ڪندو آهي اهو سڪون ۽ اطمينان سان زندگي گذاريندو آهي، ٭ جيڪو الله پاڪ تي ڀروسو ڪندو آهي، ان جا ڪم سنورجي ويندا آهن، ٭ جيڪو الله پاڪ تي ڀروسو ڪندو آهي ان جا قدم ڪڏهن به ناهن ٿڙندا، ٭ جيڪو الله پاڪ تي ڀروسو ڪندو آهي ان کي وڏي مشڪل صورت حال ۾ به صبر ڪرڻ اچي ويندو آهي، ٭ جيڪو الله پاڪ تي ڀروسو ڪندو آهي الله ڪريم ان کان راضي ٿي ويندو آهي، ٭ جيڪو الله پاڪ تي ڀروسو ڪندو آهي ڪاميابي ان جا قدم چُمندي آهي، ٭ جيڪو الله پاڪ تي ڀروسو ڪندو آهي اهو ترقين جون منزلون طئي ڪندو ويندو آهي، ٭ جيڪو الله پاڪ تي ڀروسو ڪندو آهي ته دنيا جي ڪا طاقت ان جو ڪجھ ناهي بگاڙي سگھندي، ٭ جيڪو الله پاڪ تي ڀروسو ڪندو آهي اهو شيطان جي ڌوڪي کان بچي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي، ٭ جيڪو الله پاڪ تي ڀروسو ڪندو آهي اهو کوڙ ساريون ڀلايون گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي، ٭ جيڪو الله پاڪ تي ڀروسو ڪندو آهي اهو دنيا وارن جي اڳيان جھڪڻ کان بچي ويندو آهي، ٭ جيڪو الله پاڪ تي ڀروسو ڪندو آهي اهو