Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

وينديون آهن ٭وهنجندا، خوشيون ملهائيندا آهن ۽ چوندا آهن ته حضور اقدس صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهيءَ ڏينهن غسلِ صحت فرمايو هو ۽ مديني طيبه کان ٻاهر سير جي لاءِ نڪري ويا هئا۔ اهي سڀ ڳالهيون بي اصل آهن بلڪ انهن ڏينهن ۾ حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو مرض وڌي ويو هو، اهي ڳالهيون خلاف واقع (ڪوڙيون) آهن ٭ ۽ ڪي ماڻهو هي چوندا آهن ته انهيءَ ڏينهن مصيبتون نازل ٿينديون آهن ۽ طرح طرح جون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن، سڀئي بي ثبوت آهن۔ (بهارِشريعت، حصه۱۶،۳/۶۵۹)

          اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان صفر جي آخري اربع جي باري ۾ سُوال ڪيو ويو ته هن ڏينهن عورتون سفر ڪندي شهر کان ٻاهر وڃن ۽ قبرن تي نياز وغيره ڏيارين جائز آهي يا نه؟ ته پاڻ ان جو جواب ڏيندي ارشاد فرمايائون: ائين هر گز نه ڪيو وڃي هن ۾ سخت فتنو آهي ۽ چهار شنبه (اربع جو ڏينهن ملهائڻ) محض بي اصل آهي۔ (فتاوي رضويه،۲۲/۲۴۰)

حڪيمُ الاُمت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ڪي ماڻهو صفر جي آخري چهار شنبه (اربع جي ڏينهن) جو خوشيون ملهائندا آهن ته مَنحوس مهينو هليو ويو، اهو به باطل (يعني ان جي ڪا حقيقيت نه) آهي۔ (مراٰۃ المناجيح،۶/۲۵۷)

صفر جو مهينو ۽ اسلامي تعليمات

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل ڳالهين کي ٻڌي صَفَرُالمُظَفَّر کي منحوس سمجھڻ جو وَهم دل مان نڪري ويو هوندو، جيڪڏهن ڪنهن جي دل ۽ دماغ ۾ ڪڏهن هن طرح جا وسوسا اچن ته ان کي گھرجي ته هو ان ڏانهن ڌيان نه ڏئي بلڪ اسلامي تعليمات تي عمل ڪري۔ صفر جي باري ۾ نحوست جو وَهم ختم ڪرڻ جي لاءِ اها ڳالھ ذهن نشين رهي ته سال جا تمام مهينا الله پاڪ جا بڻايل آهن، انهن مان ڪو ڏينهن يا مهينو هرگز منحوس نه آهي۔ جهڙي طرح ٻين مهينن ۾ صبح ۽ شام رحمتِ الٰهي جون بارشون ٿينديون آهن،