Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

ترجمو: اي وڏي قوّتن وارا! سخت پڪڙ فرمائڻ وارا! اي عزيز! تنهنجي عزت جو قسم! تُون پنهنجي تمام مخلوق تي غالب آهين۔ مون کي پنهنجي تمام مخلوق کان بي نياز ڪري ڇڏ۔ اي احسان فرمائڻ وارا! اي خوبصورتي عطا فرمائڻ وارا! اي فضل فرمائڻ وارا! اي انعام ڪرڻ وارا! اي عزت ڏيڻ وار! اي شريڪ کان پاڪ ذات! تو کي پنهنجي رحمت جو واسطو (اسان تي رحم فرماءِ) اي سڀ کان وڌيڪ رحم فرمائڻ وارا۔ ته الله پاڪ ان کي اڳئين سال تائين تمام بلائن کان محفوظ رکندو۔ (مرقع ڪليمي، ص۱۹۶)

بہرِ خاک ِ کربلا ہوں دُور آفات و بَلا                                اے حبیبِ ربّ داوَر! بیکس و مجبور کی

(وسائلِ بخشش مُرمَّم،ص ۹۶)

(3)رزق ۾ بَرَڪت

جيڪو صفر جي مهيني جي آخري اربع جو سورهٔ اَلَمْ نَشْرَح، سورهٔ وَالتِّين، سورهٔ نصر (اِذَاجَآءَ نَصْرُ الله وَالْفَتْح) ۽ سورهٔ اخلاص(قُلْ هوَالله اَحَد) اَسّي اَسّي ڀيرا  پڙھي، هن مهيني جي ختم ٿيڻ کان پهريان اِنْ شَآءَ الله هو غني ٿي ويندو۔ (لطائفِ اشرفي، ۲/۲۳۱) ان جي عمر ۾ اضافو ڪيو ويندو۔ (جواهرخمسه، ص۲۰)

میں ہوں بندہ تُو ہے مولیٰ تُو ہے قادر میں ناکارہ                               میں منگتا تُو دینے والا  یااللہ مِری جھولی بھر دے

(وسائلِ بخشش مُرمَّم،ص۱۲۲)

(4)حاجي کان مَغفِرت جي دعا ڪرايو

اميرُالمؤمنين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: حج ڪرڻ وارو مغفرت يافته آهي ۽ حاجي ذُوالْحِجۃالْحَرام، محرّمُ الحرام، صَفَرُالْمُظَفَّر ۽ ربيعُ الاوّل جي 20 ڏينهن ۾ جنهن جي لاءِ  استغفار  ڪندو ان جي به مغفرت ٿي ويندي آهي۔ ( احياء العلوم، ڪتاب اسرار الحج، الباب الاول ۔۔۔ الخ، الفصل الاول ۔۔۔ الخ ، ۱/۳۲۳)