Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

روزا رکڻ جي ڪوشش ڪريو  ڇوته سفر هجي يا حَضر هميشه نبي ڪريم، رَؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هر مهيني انهن ٽن ڏينهن جا روزا نه صرف پاڻ رکندا هئا بلڪه صحابَه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم کي به ان جي ترغيب اِرشاد فرمائيندا رهيا۔ اچو! هر مهيني ٽي ڏينهن جا روزا رکڻ جي فضيلت تي ٽي حديث سڳوريون ٻڌو ۽ عمل جو جذبو بيدار ڪريو، جيئن

(1) حضرت عثمان بن ابوالعاصرَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مون نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي فرمائيندي ٻُڌو، ”جهڙي طرح توهان مان ڪنهن وٽ جنگ ۾ بچاءَ جي لاءِ ڍال هوندي آهي اهڙيءَ طرح روزو جهنّم کان توهان جي ڍال آهي ۽ هر مهيني ٽي ڏينهن روزا رکڻ بهترين روزا آهن۔ (ابن خزيمه، جماع ابواب صوم التطوع، باب ذڪر الدليل علي ان الامر بصوم الثلاث۔۔۔الخ،۳/۳۰۱، حديث:۲۱۲۵)

(2) حضرت جَرير رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي: نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هر مهيني ۾ ٽي ڏينهن يعني تيرهين چوڏھين ۽ پندرھين تاريخ جا روزا سڄي زندگي جي روزن جي برابر آهن۔ (نسائي ،ڪتا ب الصيام، با ب ڪيف يصوم ثلاثۃ ايام۔۔۔الخ، ص۳۹۶، حديث:۲۴۱۷)

(3) نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: رمضان جا روزا ۽ هر مهيني ۾ ٽي ڏينهن جا روزا سيني جي خرابي کي پري ڪندا آهن۔ (مسندامام احمد، احاديث رجال من اصحاب النبي،۹/۳۶، حديث:۲۳۱۳۲)

نماز و روزہ و حجّ و زکوٰۃ کی توفیق                     عطا ہو اُمّتِ محبوب کو سدا یارب

(وسائلِ بخشش مُرمَّم،ص۸۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

دارُالاِفتاءاَهلسُنّت

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! روزو ڪيتري پياري عبادت آهي جو دنياوي ۽ اُخروي برڪتن جو مجموعو آهي ۽ روزي دار کي ان جون خوب خوب برڪتون ملنديون آهن، تنهنڪري جيڪڏهن اسان به انهن برڪتن کي ماڻڻ چاهيون ٿا ته اسان کي به