Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

گھرجي ته ماھِ صفر بلڪه ٻين مهينن ۾ به خصوصيت سان گڏوگڏ اهو روزو ضرور رکڻ جي سعادت حاصل ڪريون۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ نفل روزن جو خوب ذهن ڏنو ويندو آهي ۽ هن ماحول سان وابسته ڪجھ عاشقانِ رسول نفل روزن جا به پابند آهن، لهٰذا همَّت ڪريو ۽ انهن عاشقانِ رسول جي صحبت ماڻڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول کي اپنائي وٺو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ ڪم و بيش 107 شعبن ۾ دينِ مَتِين جي خدمت ۾ مصروفِ عمل آهي، انهن شُعبن مان هڪ ”دارُالاِفتاء اَهلسُنّت“ به آهي، دارُالاِفتا ڪراچي کان علاوه پاڪستان جي مُختلِف شهرن ۾ به ”دارُالاِفتاء اَهلسُنّت“ قائم ٿي چڪا آهن، جتي مُفتِي سڳورا اُمّتِ مُسْلِمَه جي شرعي رهنمائي ۾ مَصرُوفِ عمل آهن۔ ان کان علاوه ’’دارُالافتاء اهلسنَّت‘‘ جا مُفتي سڳورا ٽيلي فون ۽ اِنٽر نيٽ تي سڄي دُنيا جي مُسلمانن جي طرفان پڇيل مَسئلن جو حل ٻڌائيندا آهن۔ اِنْٽرنيٽ جي ذريعي سڄي دُنيا مان هن ميل ايڊريس (darulifta@dawateislami.net) تي سوال پڇي سگھجن ٿا اَلْحَمْدُ لِلّٰه مدني چينل جي سلسلن ۾ ’’دارُالاِفتاءاَهلسُنَّت‘‘ جي نالي سان هڪ مقبولِ عام ۽ نهايت معلوماتي سلسلو به نشر ڪيو ويندو آهي جيڪو هفتي ۾ چار ڏينهن (سومر، اڱارو، اربع، جمعرات) مختلف اوقات ۾ مَدَني چينل تي براھِ راست (Live) ڏيکاريو ويندو آهي۔ ۽ پڻ دُنيا جي ڪنهن به حصي کان شرعي رهنمائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هن نمبر تي رابطو به ڪري سگھجي ٿو۔ نمبر نوٽ فرمائي وٺو۔

03117864100

پاڪستاني وقت جي مُطَابِق صبح 10 بجي کان شام 4 بجي تائين هنن نمبرز تي رابطو ڪري سگھجي ٿو،  منجھند جو  1:00 وڳي کان 2:00 وڳي   تائين وقفو ٿيندو آهي ۽ جُمُعي جي ڏينهن موڪل هوندي آهي