Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي هن هفتيوار سُنّتن ڀريي اجتماع جو موضوع  آهي ”فيضانِ صَفَرُالمُظَفَّر“۔ بدفالي جي ڇا حقيقت آهي؟ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن جي باري ۾ ڇا ارشاد فرمايو آهي؟ الله پاڪ تي ڀروسو ڪرڻ جون ڪهڙيون بَرڪتون آهن؟ صَفَرُالمُظَفَّر ۾ ڪهڙن ڪهڙن عظيمُ الشّان واقعن جو ظهور ٿيو؟، صَفر جي مهيني جي باري ۾ اسلامي تعليمات ڇا آهي؟ ۽ اسان کي هن مهيني کي ڪهڙي طرح گذارڻ گھرجي؟ انهن تمام شين جو بيان اڄ جي اجتماع ۾ اسان ٻُڌنداسين۔ اي ڪاش! اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ جي سعادت نصيب ٿي وڃي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بَدفالي  مراد وٺڻ منهنجو  وهم هو

هڪ شخص جو بيان آهي ته هڪ ڀيرو مان ايترو ته ڪنگال ٿي ويو هئس جو بک ختم ڪرڻ جي لاءِ مٽي کائڻي پئي پر پوءِ به بک پريشان ڪندي رهي۔ مون سوچيو ته ڪاش! ڪو اهڙو ماڻهو ملي وڃي جيڪو مون کي ماني کارائي۔ تنهنڪري مان اهڙي ماڻهوءَ جي ڳولا ۾ ايران جي شهر”اَهواز“ جي طرف روانو ٿيس حالانڪ اتي منهنجو ڪو به سڃاڻڻ وارو نه هو۔ جڏهن مان درياءِ جي ڪناري تي پهتس ته اتي ڪا ٻيڙي موجود نه هئي، مون ان کي بدفالي سمجھيو۔ پوءِ مون کي هڪ ٻيڙي نظر آئي پر ان ۾ سوراخ هو، اها ٻي بدفالي ٿي۔ مون ٻيڙي جي ملّاح کان نالو پڇيو ته ان ”ديوزاده“ ٻڌايو (جنهن کي عربي ۾ شيطان چيو ويندو آهي) اها ٽين بدفالي ٿي۔ بهرحال مان انهيءَ ٻيڙي ۾ سوار ٿي ويس، جڏهن درياء جي ٻئي ڪناري تي پهتس ته مون آواز لڳايو ته اي بار کڻڻ وارا مزدور! منهنجو سامان کڻي هل، ان وقت مون وٽ هڪ پراڻو لحاف ۽ ڪجھ ضروري سامان هو۔ جنهن مزدور مون کي جواب ڏنو اهو هڪ اک وارو (يعني ڪاڻو) هو، مون چيو؛ اها چوٿين بدفالي آهي۔ مون دل ۾ سوچيو ته هتان واپس موٽي وڃڻ ۾ ئي عافيّت آهي پر پوءِ پنهنجي حاجت کي ياد ڪري واپسي جو