Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

مهيني کي به مصيبتون ۽ آفتون لهڻ وارو مهينو سمجھندو آهي، خاص ڪري هن جي ابتدائي تيرهن (13) تاريخن جي باري ۾ کوڙ خلافِ شريعت ڳالهيون مشهور آهن، مثال طور

صفر جي مهيني  جي باري ۾ ڦهليل بي بنياد خيال

٭      صفر جي مهيني کي بلائن لهڻ وارو مهينو سمجھندي ابتدائي تاريخن ۾ چڻا يا ڪڻڪ اُٻاري نياز ڏياريو ويندو آهي۔ ٭ مخصوص تعداد ۾ سُورهٔ مُزَّمِّل جو ختم ڪرايو ويندو آهي۔ ٭ سمنڊ ڪناري تي اٽي جون گوريون ٺاهي مڇين کي ڏنيون وينديون آهن وغيره۔ انهي سڀني ڳالهين جي پويان ماڻهن جو اهو ذهن بڻيل هوندو آهي ته صفر ۾ جيڪي آفتون ۽ بلائون نازل ٿين ٿيون انهن ڪمن کي ڪرڻ سان اهي بلائون ٽري وينديون آهن۔ ياد رهي! مصيبتون ۽ آزمائشون الله پاڪ جي طرفان اينديون اهن، انهن جي لاءِ ڪوئي ڏينهن يا مهينو مخصوص ناهي، جنهن جي حق ۾ جيڪا آزمائش لکجي چڪي آهي اها ان کي پهچي رهندي آهي، هاڻي چاهي صفر جو مهينو هجي يا سال جا ٻيا مهينا۔ اها ڳالھ به ذهن نشين رهي ته قرآن خواني يا نياز يا فاتحه ڪرڻ هڪ مستحب ڪم آهي ۽ هر طرح جي رزقِ حلال تي هر مهيني جي ڪنهن به تاريخ تي ڪنهن به وقت ڏياري سگھجي ٿي پر صرف وهم جي بنا تي اهو سمجھي وٺڻ ته جيڪڏهن تيرهن تاريخ تي ختمو نه ڏياريو ۽ چڻا پچائي نه ورهايا ته گھر جي ڪمائڻ وارن ماڻهن جو روزگار متاثر ٿيندو، اهي نظريه بي بنياد ۽ بدفالي تي دلالت ڪن ٿا۔

صفر جو آخري اربع ۽ نحوست

صَفَرُالْمُظَفَّر جي آخري اربع کي منحوس سمجھندي ڪيئي انداز اختيار ڪيا ويندا آهن، مثال طور: انهيءَ ڏينهن ٭ ماڻهو پنهنجو ڪاروبار بند ڪري ڇڏيندا آهن ٭ سير، تفريح ۽ شڪار واسطي نڪري ويندا آهن ٭ تريل مانيون پچايون