Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

بدفالي جهڙين بُرائين ۾ ڪڏهن به مبتلا ناهي ٿيندو، ٭ جيڪو الله پاڪ تي ڀروسو ڪندو آهي، ان جي لاءِ غيب کان روزي جو انتظام ٿي ويندو آهي۔ اچو! هن جي باري ۾ هڪ ايمان افروز حڪايت ٻڌون ٿا،

اهي مانيون مان ئي موڪليندو هيس

  منقول آهي: مسجِدِ حَرام شريف ۾ هڪ عبادت گذار شخص سڄي رات عبادت ۾ مشغول رهندو هو، ڏينهن جو روزو رکندو هو، روزانو شام جو هڪ شخص ان کي ٻه مانيون ڏئي ويندو هو، ان سان افطار ڪري وٺندو هو ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن جي لاءِ عبادت ۾ لڳي ويندو هو۔ هڪ ڏينهن ان جي دل ۾ خيال آيو ته اهو ڪهڙو تَوَڪل آهي؟ جو مان هڪ انسان جي ڏنل ماني تي ڀروسو ڪري ويٺو آهيان! ۽ مخلوق جي رزّاق تي ڀروسو ناهي ڪيو، شام جو جڏهن مانيون کڻي اچڻ وارو آيو ته عابِد واپَس موٽائي ڇڏيون۔ اهڙي طرح 3 ڏينهن گُذاريا۔ جڏهن بک جو غَلَبو ٿيو ته پنهنجي ربّ سان فرياد ڪيو۔ رات جو خواب ۾ ڏٺائين، ته هو الله تعاليٰ جي بارگاھ ۾ حاضر آهي ۽ الله تعاليٰ فرمايو، مان پنهنجي ٻانهي جي ذَرِيعي جيڪو ڪجھ موڪليندو هئس تو ان کي ڇو موٽائي ڇڏيو؟ عابِد عرض ڪيو: مولا! منهنجي دل ۾ خيال آيو ته توکان سوا ٻي تي ڀروسو ڪري ويٺو آهيان۔ ربّ پاڪ فرمايو: هو مانيون ڪير موڪليندو هو؟ عابِد عرض ڪيو، ياالله! تون ئي موڪلڻ وارو آهين۔ حڪم ٿيو! هاڻي مان موڪليان ته واپَس نه موٽائجان۔ انهيء خواب جي دَوران هي به ڏٺو ته مانيون آڻڻ وارو شخص رَبُّ العٰلمين جَلَّ جَلاَ لُه جي درٻار ۾ حاضِر آهي۔ الله تعاليٰ ان کان پڇيو: تو هن عابِد کي مانيون ڏيڻ ڇو بند ڪيون؟ ان عرض ڪيو: اي مالِڪ و مولا! توکي خوب معلوم آهي۔ پوءِ پڇيائين: اي ٻانها! اهي مانيون تون ڪنهن کي ڏيندو هئين؟ ان ٻانهي عرض ڪيو: مان تون کي (يعني تنهنجي ئي راھ ۾ ڏيندو هئس) ارشاد ٿيو: تون پنهنجو عمل جاري رک، منهنجي طرفان تنهنجي لاءِ ان جي عِوَض ۾ جنّت آهي۔ (رَوض الرِياحين ص۶۷)