Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

      اچو! بطورِ تَرغِيب چوڪ دَرس جي هڪ مَدَني بهار ٻُڌون ٿا،

آخري وقت ڪلمو نصيب ٿي ويو

      اپريل2007 ۾ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو هڪ قافلو سُنّتن جي تربيت جي لاءِ ضلعي ناسڪ (هند) جي جامع مسجد ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ ترسيل هو۔ شرڪاءِ قافله مان ڪجھ اسلامي ڀائر مسجد جي سامهون هوٽل تي ”چوڪ درس“ ڏيڻ پهتا ۽ اميرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جي مشهور ڪتاب ”فيضانِ سُنّت“ جو درس شروع ٿيو۔ ذِڪرُالله جي موضوع تي درس ٿي رهيو هو، جنهن ۾ ڪلِمَهءِ طَيبه جون فضيلتون ٻڌايون پئي ويون۔ هوٽل جو مالڪ به درس ۾ شريڪ هو۔ هڪ وليءِ ڪامل جي تحرير تاثير جو تِير بڻجي ان جي دل ۾ اهڙي طرح سمائجي وئي جو اوچتو ان جي زبان تي وڏي آواز سان ڪلمو شريف جاري ٿي ويو۔ هو ڪافي دير تائين ڪلِمَهءِ طَيبه جو وِرد ڪندو رهيو۔ هاڻي ان جو وقت عاشِقانِ رسول جي صحبت ۾ گذرڻ لڳو۔ ڪجھ ئي ڏينهن کان پوءِ اهو اسلامي ڀاء بيمار ٿي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو۔ علاج ٿيو پر مرض ۾ ڪمي بدران ويتر شدت وڌندي وئي۔ پوءِ انهن بلند آواز سان ڪلِمو طَيبه پڙھڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ اهڙي طرح ڪلِمَهءِ طَيبه پڙھندي پڙھندي ان جو انتقال ٿي ويو۔

مجھے ہریالے گنبد کے تلے قدموں میں موت آئے             سلامت لے کے جاؤں دِین و اِیماں یارَسولَ اللہ

(وسائلِ بخشش مُرمَّم،ص۱۸۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ايامِ بِيض جي روزن جون فضيلتون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! روزو رکڻ جا بي شمار دِيني ۽ دُنيوي فائدا آهن۔ لهٰذا تمام مهينن وانگر صفر ۾ به ايامِ بِيض (يعني مهيني جي 13،14،15 تاريخن جا