Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! جيڪو ٻانهو الله ڪريم جي ذات تي ڀروسو ڪندو آهي ته ان جي لاءِ غيب کان رِزق جو انتظام ٿي ويندو آهي۔ تنهنڪري اسان کي بدفالي کان بچندي الله ڪريم جي ذات تي ڪامل ڀروسو ڪرڻ گھرجي۔افسوس! جيئن جيئن اسان زمانَه رسالت کان پري ٿيندا پيا وڃون، اسان جو معاشرو به ڏينهو ڏينهن بُرائين جي اونهي کڏ ۾ ڪرندو پيو وڃي، بدفالي کي ئي ڏسي وٺو جنهن معاشري جي هر طبقي کي پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي ورتو آهي۔ حيرت جي ڳالھ ته اها آهي ته بظاهر عقلمند نظر ايندڙ ماڻهن جي دامن کي به انهيء منحوس بدفالي داغ دار ڪري رکيو آهي۔ هاڻي ته اها هڪ عالَمي بيماري بڻجي چڪي آهي، مختلف ملڪن ۾ رهندڙ مختلف ماڻهو مختلف شين سان اهڙيون اهڙيون بدفاليون وٺندا آهن، جو انسان ٻڌي حيران رهجي ويندو آهي،

بَدفالي جون صورتون

مڪتبةُ المدينه جي ڪتاب ”بَدشُگُوني“ جي صفحي نمبر 16 تي لکيل آهي: ٭ ڪڏهن انڌي، منڊي، هڪ اک واري ۽ معذور ماڻهن کان ته ڪڏهن ڪنهن خاص پکي يا جانور کي ڏسي يا ان جو آواز ٻڌي بدفالي ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن ٭ ڪڏهن ڪنهن وقت يا ڏينهن يا مهيني مان بدفالي وٺندا آهن ٭ ڪو ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ طريقي ڪار ۾ نقص جي ڪنهن نشاندهي ڪئي يا ان ڪم کان رڪجڻ جو چيو ته ان مان بدفالي  وٺندا آهن ۽ چوندا آهن ته هاڻي تو دخل اندازي ڪئي آهي، ان ڪري اهو ڪم نه ٿي سگهندو ٭ ڪڏهن ايمبولينس (Ambulance) جي سائرن مان ته ڪڏهن فائربرگيڊ (Fire brigade) (باھ وسائيندڙ گاڏي) جي سائرن مان بدفالي ۾ مبتلا ٿيندا آهن ٭ ڪڏهن اخبارن ۾ شايع ٿيڻ وارن تارن جي حال مان پنهنجي زندگي کي غمگين ۽ پريشان ڪري ڇڏيندا آهن ٭ ڪڏهن مهمان جي وڃڻ کان پوءِ گھر ۾ ٻهاري ڏيڻ کي منحوس