Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

ارادو ختم ڪري ڇڏيو۔ جڏهن مان مسافرخاني پهتس ۽ اڃان اهو سوچي ئي رهيو هئس ته ڇا ڪريان، انهيءَ دؤران ڪنهن دروازو کڙڪايو۔ مون پڇيو؛ ڪير؟ ته جواب مليو، مان اوهان سان ئي ملڻ چاهيان ٿو۔ مون پڇيو؛ ڇا تون سڃاڻين ٿو ته مان ڪير آهيان؟ ان چيو؛ هائو۔ مون دل ۾ چيو؛ ”يا ته هي دشمن آهي يا بادشاھ جو قاصد!“ مون ٿوري دير سوچڻ کان پوءِ دروازو کولي ڇڏيو۔ ان شخص چيو؛ مون کي فلاڻي ماڻهو اوهان ڏانهن هي پيغام ڏئي موڪليو آهي ته جيتوڻيڪ منهنجا اوهان سان اختلاف آهن پر اخلاقي حقن جي ادائيگي ضروري آهي، مون اوهان جا حالات ٻڌا آهن، ان لاءِ مون تي لازم آهي ته اوهان جي ضرورتن کي پورو ڪريان، جيڪڏهن اوهان هڪ يا ٻه مهينا هتي رهو ته اوهان جون ضرورتون پوريون ڪيون وينديون، جيڪڏهن اوهان هتان وڃڻ چاهيو ٿا ته هي 30 دينار آهن، اهي پنهنجي ضرورتن ۾ خرچ ڪريو ۽ ڀلي هليا وڃو، اسان اوهان جي مجبوري سمجھؤن ٿا۔

ان شخص جو چوڻ آهي ته ان کان پهريان مان ڪڏهن به 30 دينار جو مالڪ نه ٿيو هُيس ۽ مون کي هي به خبر پئي ته بدفالي جي ڪا حقيقت ناهي۔ (روح البيان، پ۲، البقرۃ، تحت الايۃ۱۸۹،۱/۳۰۴ملخصاً)

حڪيمُ الْاُمَّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: اسلام ۾ نيڪ فال وٺڻ جائز آهي، بدفالي وٺڻ حرام آهي۔ (تفسير نعيمي، ۹/۱۱۹)

کریں نہ تنگ خیالاتِ بد کبھی ، کردے                                 شعور و فکر کو پاکیزگی عطا یاربّ

(وَسائلِ بخشش مُرمَّم،ص۷۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حڪايت مان خبر پئي! بدفالي جو حقيقت کان پري پري تائين ڪو تعلق ناهي هوندو۔ اهو شخص سفر جي دوران پنهنجي ذِهن مُطابق بدفالين جو شڪار ٿيو ۽ سوچڻ لڳو ته هاڻي سفر