Book Name:10 Muharaam Ki Barakaat

ڪنهن کي حقارت جي نظر سان ڏسي منهن ڦيريو ويندو آهي ته ڪڏهن وڏو عهدو (Post) ملڻ تي ماتحتن تي ظلم و ستم ڪيو ويندو آهي، ڪڏهن ڪنهن کي ذات پات جو طعنو ڏئي جهالت جو اظهار ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن ڪنهن جي قوم جي باري ۾ ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪري ان جي دل آزاري ڪئي ويندي آهي، ڪڏهن ٻن گھرن ۾ لڙائي ڪرائي انهن جو سڪون برباد ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن ٻن عزيزن ۾ غلط فهميون پيدا ڪرائي انهن جو تماشو ڏٺو ويندو آهي۔  هيئن سمجهو ته ڄڻ ڪنهن جي راهه تان ڪنڊا هٽائڻ جي بدران ڄڻ ڪنڊا وڇائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.  اَلغَرَض! في زمانه دل آزاري ڪرڻ وارا ڪم وڏي خوشي سان ڪيا ويندا آهن پر دل جوئي وارن ڪمن کان پاسو ڪيو ويندو آهي۔ جڏهن ته اسان جو دين (Religion) اهو چاهي ٿو ته اسان هڪ ٻئي جون دل جوئيون ڪريون، ڇوته دل جوئي جا وڏا فائدا آهن۔

      ٭ دل جوئي سان تعلقات مضبوط ٿين ٿا، ٭ دل جوئي سان ناراضي ختم ٿئي ٿي، ٭ دل جوئي سان محبتن ۾ اضافو ٿئي ٿو، ٭ دل جوئي پراوئن کي به پنهنجو ڪندي آهي۔ ٭ دل جوئي نيڪي جي ڪمن ۾ مدد ڪندي آهي۔ ٭ دل جوئي جنت ڏانهن وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي، ٭ دل جوئي جهنم کان بچائيندي آهي، ٭ دل جوئي سان دنيا بهتر ٿيندي آهي،٭ دل جوئي سان قبر به روشن ٿي سگھي ٿي، ٭ دل جوئي آخرت ۾ به ڪاميابيون ڏياريندي، اَلغَرَض! دل جوئي ۾ فائدا ئي فائدا آهن۔ لهٰذا جائز طريقي سان مسلمان مرد جو مسلمان مردن، پنهنجي محرمات ۽ ٻارن جي امڙ جي، اهڙي طرح مسلمان عورتن جو مسلمان عورتن، پنهنجي محارم ۽ ٻارن جي پيءُ جي دل جوئي ڪرڻ وڏي اجروثواب جو سبب آهي۔ ائين ڪرڻ سان جتي آخرت موچاري ٿيندي، اتي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مدد ملندي۔ اچو! دل جوئي ڪرڻ جي فضيلتن تي مشتمل (3) فرمانِ مُصطفيٰ ٻڌون ٿا:

 

دل جوئي جون فضيلتون

ارشاد فرمايائون: الله پاڪ جي ويجھو فرض جي ادائيگي کان پوءِ سڀ