Book Name:10 Muharaam Ki Barakaat

ڏيڻو آهي، اها مجلس ڪالجز ۽ يونيورسٽيز جي استادن (Teachers) ۽ شاگردن (Students) سان سٺين سٺين نيتن سان تعلقات قائم ڪري انهن کي اُمت تي شفيق آقا، مديني واري مُصطفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جي سُنّتن سان روشناس ڪرائيندي آهي، گڏوگڏ تعليمي اِدارن ۾ مدني اِنعامات جو سِلسِلَو جاري ڪندي ۽ هاسٽل ۾ مدرسةُ المدينه بالِغان قائم ڪري ان مُستَقبِل جي مِعمارن کي تعليمِ قرآن جي لازوال دولت سان مالامال ڪندي آهي۔

   اَلْحَمْدُلِلّٰه هن شعبي سان وابسته هزارين عاشقانِ رسول جي انفرادي ڪوشش جي برڪت سان هينئر تائين ڪيئي مسلمان گناهن کان توبه ڪري نمازي ۽ سُنّتن جا عادي بڻجي چڪا آهن۔ الله پاڪ شهيدانِ ڪربلا ۽ خاص ڪري سَيدُنا امامِ حسين رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جي طفيل دعوت اسلامي جي تمام مجلسن کي برڪتون عطا فرمائي۔ آمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنْشاھ نُبُوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي هو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])

سيد سڳورن جي تعظيم بابت مدني گل

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سيد سڳورن جي تعظيم جي باري ۾ ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا۔ پهريان 2 فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو۔ (1) فرمايائون: جيڪو منهنجي اَهلِ بَيت مان ڪنهن سان به سٺو


 

 



[1] مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵