Book Name:10 Muharaam Ki Barakaat

ڌيءُ! ڪنهن توکان هن رنج وغم ۽ مصيبت کي پري ڪيو آهي؟ ته ان جواب ڏنو: الله ڪريم مون تي پنهنجي رحمت جو بادل وسايو ۽ انعامات ۽ نوازشات ۾ ذري برابر بخل نه ڪيو۔ اي منهنجا والدِ محترم! مون پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ هن رات جو وسيلو پيش ڪيو ته ان منهنجي تڪليف پري ڪري ڇڏي ۽ منهنجي جسم کي صحيح ڪري ڇڏيو۔ (الروض الفائق في المواعظ والرقائق، المجلس الثاني والاربعون الخ، ص ۲۳۶)

                      تری رَحمتوں پہ میں قربان یا ربّ  مِرے بال بچّے مِری  جان یا ربّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد 

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل واقعي مان هڪ ڳالھ اها معلوم ٿي ته عاشوراء جي رات دعائون قبول (Accept) ٿين ٿيون، ٻيو اهو به معلوم ٿيو ته اسان جا بُزرگ سڳورا رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهم شبِ عاشوراء کي عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريندا هئا، هو نيڪ ماڻهو ٻين کي به گڏ ڪري ربِّ ڪريم جو ذڪر ڪندا هئا، تلاوتِ قرآن ڪندا هئا، يتيمن ۽ بيواهن جي حاجت روائي ڪندا هئا، غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي سار سنڀار ڪندا هئا، ۽ ان رات جو بيحد ادب واحترام ڪندا هئا، پنهنجي رزقِ حلال مان نذر و نياز ڪندا هئا، تنهنڪري اسان کي به ان رات کي عبادت ۾ ۽ ڏينهن جو روزي جي حالت ۾ گذارڻ گھرجي۔ ڇوته عاشوراء جي ڏينهن جي هڪ فضيلت اها به آهي ته ان ڏينهن روزو رکڻ جون وڏيون برڪتون آهن، خود اسان جي پياري آقا، مديني واري مُصطفٰيصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان ڏينهن روزو رکڻ جي ترغيب ارشاد فرمائي آهي، اچو! عاشوراء جي ڏينهن روزو رکڻ جي فضيلتن تي ٽي (3) فرمانِ مُصطفٰي ٻڌون ٿا:

 

عاشوراء جي روزي جون فضيلتون

ارشاد فرمايائون: عاشوراء جو روزو رکو ان ڏينهن انبياءِ ڪرامعَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام روزو رکن ٿا۔ (جامع صغير،ص۳۱۲، حديث: ۵۰۶۷)