Book Name:10 Muharaam Ki Barakaat

اللّٰهُ عَنْه جو فرمان آهي: عاشوراء جي ڏينهن جيڪو هزار ڀيرا سورهءِ اخلاص پڙھي ته ان ڏانهن الله پاڪ نظر فرمائيندو ۽ جنهن ڏانهن رحمٰن نظر فرمائيندو ان کي ڪڏهن عذاب نه ڏيندو۔ (حاشيۃ النور في فضائل الايام والشھور،المجلس الحادي عشرفي فضل عاشوراء، ص۱۲۴) (3) هن ڏينهن توبه ۽ اِستغفار ڪريو ۽ بارگاھِ الٰهي مان توبه تي قائم رهڻ جي خيرات طلب ڪريو۔ (4) والدين جي عزت ڪريو۔ (5) ڪاوڙ تي قابو رکو۔ (6) نفلن جي ڪثرت ڪريو۔(7) سرمو لڳايو۔ (النور في فضائل الايام والشھور، المجلس الحادي عشر في فضل عاشوراء، ص۱۲۳) (8) يومِ عاشوراء تي خاص ڪري اِثمِد سرمو لڳايو ان جي برڪت سان اکيون خراب نه ٿينديون، جيئن ته

نبئ رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جيڪو شخص يومِ عاشوراء(عاشوراء جي ڏينهن) اِثمِد سرمو اکين ۾ لڳائي ته ان جون اکيون ڪڏهن به خراب نه ٿيون۔ (شعب الايمان،باب في الصيام،صوم التاسع مع العاشر، ۳/۳۶۷، حديث:۳۷۹۷)

اهڙي طرح 10 محرّمُ الحرام جو (9) فضوليات کان بچو۔ (10) رشتيدارن سان ملاقات ڪريو۔ (11) خوشبو fragrance)) لڳايو۔ (12) روزيدارن کي افطار ڪرايو۔ (13) قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪريو۔ (14) ستّر ڀيرا سُبْحٰنَ الله جو وِرد ڪريو۔ (15) يتيم جي مٿي تي شفقت ڀريو هٿ ڦيريو۔ (16) ناراض مسلمانن ۾ صلح ڪرايو۔ (17) (ٿي سگھي ته) خوفِ خدا ۾ ڳوڙها ڳاڙيو۔ (مرقع ڪليمي،ص190ملتقطا)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد 

يومِ عاشوراء ۽ اسان

       پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي گھرجي ته يوم عاشوراء نه صرف پاڻ بلڪ پنهنجي گھر وارن (family members) کي به انهن عملن کي ڪرڻ ۽ ربِّ ڪريم جي رضا حاصل ڪرڻ وارن نيڪ عملن جي ترغيب ڏياريون، ياد رکو! جهڙي طرح يومِ عاشوراء جو نيڪ ڪم ڪرڻ جو ثواب گھڻو آهي اهڙي طرح