Book Name:10 Muharaam Ki Barakaat

(3) مون تي ڪثرت سان درود پاڪ پڙهڻ وارو۔ (اَلبُدورُ السّافرة لِلسُّيوطي، ص ۱۳۱حديث: ۳۶۶)

معلوم ٿيو ته مسلمان جي پريشاني دور ڪرڻ نهايت فائيدي مند آهي. جڏهن ته ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ يعني بغير اجازتِ شرعي دل ڏکائڻ ۽ ان جي حاجت روائي نه ڪرڻ بُرو عمل ۽ نعمتِ الٰهي کان محروم ڪرڻ وارو عمل آهي، ان غير مسلم هڪ مسلمان جي دل جوئي ڪئي، الله پاڪ جي مشيت ڏسو ان پنهنجي فضل سان ان دل جوئي جو ان کي اهو صِلو ڏنو ته ان کي دولتِ ايمان جهڙي انمول نعمت عطا ڪري ڇڏي ۽ ٻي پاسي اهو مسلمان قاضي جنهن فقير جي دل جوئي نه ڪئي ۽ ان کي هٿين خالي موٽائي ڇڏيو، هو جنت جي عظيم نعمتن ۽ محلات کان محروم ٿي ويو، ٿورو سوچيو! جڏهن هڪ غير مسلم کي مسلمان جي دل جوئي ڪرڻ تي ايمان جهڙي عظيمُ الشَّان ۽ انمول نعمت نصيب ٿي سگھي ٿي، جنت جو اعلي محل مُقدّر بڻجي سگھي ٿو، دنيا ۽ آخرت جون ڀلائيون حاصل ٿي سگھن ٿيون؟ ته جيڪو مسلمان هجي، آقا ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو امتي (Ummah) هجي، هو جيڪڏهن ڪنهن جي دل جوئي ڪري، مصيبت ۾ ڪنهن جي ڪم اچي، پريشاني ۾ ڪنهن جو سهارو بڻجي، غم ۽ تڪليف جي وقت ڪنهن جو ساٿ ڏئي، مشڪل وقت ۾ ڪنهن جي حاجت روائي ڪري ته يقينًا الله ڪريم اهڙي مسلمان کي به بي شمار برڪتون عطا فرمائيندو۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته مسلمانن جي دل جوئي ڪرڻ وارا عمل ڪريون، مسلمانن کي ناراض ڪرڻ وارن ڪمن کان بچون۔ اچو! دل جوئي جي وصف ٻڌون ٿا:

دل جوئي جي تعريف

      دل جُوئي يعني ٻين سان همدردي ڪرڻ، انهن جي دلين ۾ خوشي داخل ڪرڻ وغيره۔

      پر افسوس! هن دور ۾ معاشري ۾ ڪنهن جي دل خوش ڪرڻ وارا عمل گھٽ ۽ دل آزاري وارا ڪم عام ٿيندا پيا وڃن۔ ڪڏهن ڪنهن جي باري ۾ غلط ڳالهيون ڦهلايون وينديون آهن ته ڪڏهن ڪنهن جا عيب کوليا ويندا آهن، ڪڏهن ڪنهن جون چغليون لڳايون وينديون آهن، ته ڪڏهن ڪنهن کي ڌوڪو ڏنو ويندو آهي، ڪڏهن ڪنهن سان خيانت ڪئي ويندي آهي ته ڪڏهن ڪنهن کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيو ويندو آهي، ڪڏهن