Book Name:10 Muharaam Ki Barakaat

ڪهڙي خبر ته اهي رسمون ته اسان جي ابي ڏاڏي کان هلنديون پيون اچن۔

      ياد رکو! هر اهو ڪم جيڪو ناجائز هجي ان ڪري جائز نه ٿي ويندو ته ڪنهن جي ابي ڏاڏي ڪيو هو، اسان جي مسلمان هئڻ جي تقاضا اها ئي آهي ته اسان پنهنجي خاندان ۾، پنهنجي علائقي ۾، پنهنجي پاڙي ۾ ۽ پنهنجي گھر ۾ موجود هر رسم کي شريعت جي مطابق ڪريون، جيڪڏهن اهو جائز هجي ته ان کي ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي، ۽ جيڪڏهن اهو ناجائز هجي ته ان کي يڪدم ترڪ ڪري ڇڏڻ گھرجي۔

ناجائز رسمون اپنائڻ وارن کي نصيحت

تفسيرِ صراط الجنان ۾ آهي: اهڙن ماڻهن کي پنهنجي طرزِعمل تي غور ڪرڻ گھرجي جيڪي شريعت جي خلاف رسمون ڪرڻ ۽ ٻيا اَفعال ڪرڻ تي ڪو شرعي دليل پيش ڪرڻ جي بدران اهو چوڻ لڳن ٿا ته اسان جا وڏا ڊگھي عرصي کان اهي رسمون ۽ ڪم ڪندا پيا اچن ۽ اسان جي خاندان ۾ شايد ئي ڪوئي گھر اهڙو هجي جيڪو انهن رسمن ۽ ڪمن کي نه ڪندو هجي، پوءِ ڪنهن جي چوڻ تي انهن شين کي ڪيئن ڇڏي سگھون ٿا! جيڪڏهن اهي ماڻهو الله پاڪ ۽ ان جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏنل احڪامن کي سامهون رکي پنهنجي طرزِ عمل تي صحيح طريقي سان غور ڪريون ته انهن کي خبر پئجي ويندي ته انهن جون رسمون ۽ اَفعال شريعت جي بلڪل خلاف آهن ۽ اهي انهن جي ڪلهن تي پنهنجي ۽ ٻين جي گناهن جو تمام وزني بوجھ آهي۔ الله ڪريم اهڙن ماڻهن کي عقلِ سليم عطا فرمائي ۽ شريعت جي احڪام جي مطابق عمل ڪرڻ ۽ انهن جي خلاف ڪم ڪرڻ کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي، اٰمين۔(صراط الجنان،٧/۱۰۴ملخصاً)

 

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ” قافله“

    پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اهڙين فضول ۽ لغو رسمن کان پيڇو ڇڏائڻ، نيڪين جو جذبو ماڻڻ، شريعت جي پيروي جو ذهن ٺاهڻ، دين ودنيا جي