Book Name:10 Muharaam Ki Barakaat

مان ڪڍيو ويو۔ (6) انهيءَ ڏينهن حضرتِ سَيدنا عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي ولادت ٿي انهيءَ ڏينهن پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کي آسمان ڏانهن کنيو ويو۔ (7) انهيءَ ڏينهن حضرت سَيدنا داؤد عَلَيۡهِ السَّلَام جي توبه قبول ٿي۔ (8) انهيءَ ڏينهن حضرت سَيدنا ابراهيمعَلَيۡهِ السَّلَام جي ولادت ٿي۔ (9) انهيءَ ڏينهن حضرت سَيدنا يعقوب عَلَيۡهِ السَّلَام جي اکين جي روشني جو ضعف(يعني ڪمزوري)پري ٿي۔ (10) انهيءَ ڏينهن نبي اڪرم، نورِمجسمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مغفرت جي خوشخبر ملي۔ (11) انهيءَ ڏينهن حضرت سَيدنا ادريسعَلَيۡهِ السَّلَام کي آسمان تي کنيو ويو۔ (12) انهيءَ ڏينهن الله پاڪ حضرت سَيدنا ايوبعَلَيۡهِ السَّلَام جي آزمائش دور فرمائي۔ (13) انهيءَ ڏينهن حضرت سَيدنا سليمانعَلَيۡهِ السَّلَام کي بادشاهت عطا ٿي۔(عمدۃ القاري ،ڪتاب الصوم، تحت الباب صيام يوم عاشوراء،۸/۲۳۳ملخصاً )

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً عقل مندي جو تقاضو اهو آهي ته جيڪا شيء جيتري معزز هجي ان کي ايتري ئي اهميت ڏني وڃي، هاڻي اسان يومِ عاشوراء ۾ ٿيڻ وارن اعزازن ۽ اهم واقعن کي ٻڌو، ان مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته اهو ڏينهن وڏي اهميت وارو آهي، تنهنڪري اسان کي به ان کي ايتري ئي اهميت ڏيڻ گھرجي، ان کي غفلتن ۾ نه گذارڻ گھرجي، ان کي لايعني ڪمن ۾ نه وڃائڻ گھرجي، بلڪ ان ڏينهن خوب خوب نيڪ عمل ڪرڻ گھرجن، ان ڏينهن وڌ کان وڌ نيڪيون ڪرڻ گھرجن، يومِ عاشوراء تي ڪهڙا ڪهڙا نيڪ عمل ڪرڻ گھرجن، اچو! ٻڌون ٿا:

يومِ عاشوراء جي عمل

حضرت سَيدنا علامه عبدالرحمٰن ابنِ جوزيرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ڏھ محرّم نهايت عظمت وارو ڏينهن آهي، تنهنڪري مناسب آهي ته جيتري قدر ممڪن هجي چڱا ڪم ڪيا وڃن۔ ڀلائين جي هن موسم کي غنيمت سمجھو ۽ غفلت کان بچو۔ (التبصرۃ لابن جوزي، المجلس الاول في ذڪر عاشوراء والمحرم،۲/۸ ملتقطا) (1) يومِ عاشوراء جو روزو ۽ ان سان گڏ نائين يا يارهين محرمُ الحرام جو روزو به ملائي وٺو ته جيئن يهودين جي مخالفت ٿي سگھي۔ (مسند امام احمد،مسند عبد الله بن العباس۔۔۔الخ،۱/۵۱۸، حديث:۲۱۵۴ ماخوذا) (2) حضرت سيدُنا علي المرتضيٰرَضِىَ