Book Name:10 Muharaam Ki Barakaat

سعادت ملندي آهي۔٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان بي نمازين کي نمازن جي اَهمِّيت معلوم ٿيندي آهي۔٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان کوڙ ديني مسئلا سکڻ جي سعادت ملندي آهي۔٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان مسجدن ۾ ذِڪر و اَذڪار، دَرس و بَيانات جو سِلسِلو جاري رهندو آهي۔٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان مسجدون آباد ٿينديون آهن۔

      12 مدني ڪمن مان هن مدني ڪم ’’ قافله‘‘ جي تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رسالي ’’مدني قافله ‘‘ جو مطالعو ڪريو، تمام اسلامي ڀائر هن رسالي جو لازمي مطالعو ڪن، اهو رسالو دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ تان پڙهي به سگھجي ٿو ۽ ڊاؤن لوڊ به ڪري سگھجي ٿو۔

      هن رسالي ۾ اوهان پڙهي سگھو ٿا۔ ٭ مدني قافلو ڇا آهي، ٭ مدني قافلي ۾ سفر جون نيتون، ٭ مدني قافلي جو مختصر جدول،٭ مدني قافلي بابت شرعي ۽ تنظيمي احتياط، ٭ مدني قافلن بابت 22 مدني گل، ٭ ۽ کوڙ ٻيا اهم مدني گل، حڪايتون، روايتون هن رسالي ۾ پنهنجون بهارون لٽائي رهيون آهن۔ اچو! ترغيب لاءِ مَدَني قافِلي جي هڪ مَدَني بهار ٻڌون ٿا، جيئن

مَرض کان شفا ملي

باب المدينه(ڪراچي) جي عَلائقي ناظِم آباد جي رهائشي هڪ وڏي عمر جو اسلامي ڀاءُ تقريباً 19 سال کان ساھ جي مَرَض ۾ مُبتَلا هو۔ ڪڏهن بيماري جي شِدَّت جي ڪري ان کي گھڻي تڪليف ٿيندي هئي، ڪڏهن ته آڌي رات جو طبيعت بگڙجي ويندي هئي ته انهيء وَقت ڊاڪٽر (Doctor) وٽ وڃڻو پوندو هو۔ مطلب ته عِلاج ۾ ڪا ڪمي نه ڪئي ويندي هئي۔ اُن جي خوش قسمتي جو هڪ ڀيرو عاشقانِ رسول سان گڏ ٽن (3) ڏينهن جي مَدَني قافِلي ۾ سفر جي سعادت حاصِل ٿي، مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان جتي اُنهن جا ڏينهن رات عبادتِ الٰهي ۾ گذريا، عِلمِ دين حاصِل ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ اتي ٻيون بَرڪتون به نصيب ٿيون۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه مَدَني قافِلي جي دوران اُنهن کي نه ئي اِنجڪشن جي حاجت پيش آٓئي ۽ نه ئي ڪنهن ڊاڪٽر وٽ وڃڻو پيو بلڪ اتي