Book Name:10 Muharaam Ki Barakaat

جي فاتحه ڏيارين ٿا، اهي جائز و مستحب ۽ نيڪين ڀريو ڪم آهي:

نياز ڪهڙي شيء تي ڏياريون؟

      حضرتِ علامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظميرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: محرم ۾ ڏھ ڏينهن تائين خاص ڪري ڏهين جو حضرت سيدُنا امامِ حسينرَضِىَ اللّٰهُ عَنْه ۽ ٻين شهداءِ ڪربلا کي ايصالِ ثواب ڪيو ويندو آهي، ڪوئي شربت تي فاتحه ڏياريندو آهي، ڪوئي کيرڻي تي، ڪو مٺائي تي، ڪوئي ماني ۽ گوشت تي، جنهن تي چاهيو فاتحه ڏياريو جائز آهي، انهن کي جھڙي طرح ايصالِ ثواب ڪيو مَندوب(سٺو عمل آهي) آهي۔ کوڙ ماڻهو پاڻي ۽ شربت جي سبيل لڳائيندا آهن، سياري ۾ چانھ پياريندا آهن، ڪوئي کچڙو پچرائيندو آهي جيڪو نيڪ ڪم ڪريو ۽ ثواب پهچايو سڀ درست آهي، انهن سڀني کي ناجائز نٿو چئي سگھجي، ڪن جاهلن ۾ مشهور آهي ته محرم ۾ سواءِ شهداءِ ڪربلا جي ٻين جي فاتحه نه ڏياري وڃي انهن جو اهو خيال غلط آهي، جهڙي طرح ٻين ڏينهن ۾ سڀني جي فاتحه ٿي سگھي ٿي، انهن ڏينهن ۾ به ٿي سگھي ٿي۔ ( بهارِ شريعت، حصه۱۶،۳/۶۴۳)

ايصالِ ثواب ڪرڻ جو هڪ طريقو يعني مومنن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪرڻ جو ثبوت قرآنِ ڪريم ۾ واضح طور موجود آهي، جيئن سيپاري 28 سوره حشر جي آيت نمبر 10 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ الَّذِیْنَ جَآءُوْ مِنْۢ بَعْدِهِمْ یَقُوْلُوْنَ رَبَّنَا اغْفِرْ لَنَا وَ لِاِخْوَانِنَا الَّذِیْنَ سَبَقُوْنَا بِالْاِیْمَانِ

ترجمو: ۽ اهي جيڪي انهن کان پوءِ آيا عرض ڪن ٿا اي اسان جا رب اسان کي معاف فرماءِ ۽ اسان جي ڀائرن کي جن اسان کان اڳي ايمان آندو.

(پ 28، الحشر:10)

مشهور مفسرِ قرآن حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هتان کان ٻه مسئلا معلوم ٿيا هڪ هي ته صرف پنهنجي لاءِ دعا نه ڪري، بزرگن جي لاءِ به ڪري، ٻيو هي ته بزرگانِ دين خاص ڪري صحابه ڪرام ۽ اهلِ بيت جا عرس، ختم، نياز، فاتحه وغيره اهي سڀ شيون سٺيون آهن جو هنن ۾ انهن بزرگن جي لاءِ دعا آهي.(تفسير نورالعرفان 28/873)