Book Name:10 Muharaam Ki Barakaat

اهڙو اِطمينان ۽ سُڪون مليو جو ان کان پهريان ڪڏهن نه مليو هو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان اُنهن جي 19سال پُراڻي مَرَض ۾ واضح ڪمي ٿي وئي۔

 

چاہو گر برکتیں قافلے میں چلو

پاؤ گے عظمتیں قافلے میں چلو

ہوں گی حل مشکلیں قافلے میں چلو             خَتم ہوں شامتیں  قافلے میں چلو

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

يومِ عاشوراء ۽ ڪربلا جو واقعو

           پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان محرّمُ الحرام جي فضيلتن ۽ برڪتن ۽ بالخصوص يومِ عاشوراء ۾ ڪيا ويندڙ عمل ۽ ان ڏينهن ۾ پيش ايندڙ واقعن جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين، 10 محرم الحرام اسان کي هر سال شُهداءِ ڪربلا ۽ خاص ڪري نواسَهءِ رسول، سيدُ الشُّهداء، اِمامِ عالي مقام حضرت سَيدُناامام حسين رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جي ياد به ڏياري ٿو، ڇوته ڏھ محرّمُ الحرام اِيڪهٺ (61) هجري جو تاريخِ اسلام ۾ حق و باطل جي وچ ۾ هڪ عظيم معرڪو پيش آيو، جنهن کي ڪربلا جي واقعي جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي، هن واقعي ۾ شُهداءِ ڪربلا رَضِىَ اللّٰهُ عَنْهم جي استقامت ڀري انداز تمام اهلِ حق کي باطل اڳيان مهاڏو اٽڪائڻ ۽ ضرورت پوڻ تي دينِ اسلام جي خاطر جان جو نذرانو پيش ڪرڻ جو عظيمُ الشّان سبق ڏنو۔ انهيء مناسبت سان حضرتِ سَيدنا اِمام حُسين رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جي هڪ ڪرامت ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ ڪجهه نڪات ٻڌون ٿا:

گستاخ ۽ بد زبان باھ ۾

      يومِ عاشورا(بروز جمعة المبارڪ 10 مُحَرّمُ الحرام) جو جڏهن امامِ عالي