Book Name:10 Muharaam Ki Barakaat

احاديثِ مبارڪه جي روشني ۾ ايصالِ ثواب

    حضرت سعد بن عباده رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي والده جو انتقال ٿيو ته انهن بارگاههِ رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منهنجي والده محترمه جو منهنجي غير موجودگي ۾ انتقال ٿي ويو آهي، جيڪڏهن مان ان جي طرف کان ڪجهه صدقو ڪيان ته ڇا ان کي ڪجهه فائدو پهچي سگهي ٿو؟ ته حضور ارشاد فرمايو: هائو، عرض ڪيائين: ته مان اوهان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي گواهه بڻائي چوان ٿو ته منهنجو باغ ان جي طرف کان صدقو آهي. (بخاري، 2/241 حديث: 2762)  

حضرت علامه جلالُ الدّين سُيُوطي شافعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نقل فرمائن ٿا ته صحابهءِ ڪرام عَلَیْھِمُ الرِّضْوَان ستن ڏينهن تائين مُردن جي طرف کان کاڌو کارائيندا هئا. (الحاوي للفتاوي، 2/223)

مجلس”شعبهءِ تعليم“

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! محرم الحرام جون برڪتون ماڻڻ، يوم عاشوراء کي نيڪين ۾ گذارڻ جو جذبو ماڻڻ، شهيدان ڪربلا جي بارگاھ ۾ ايصالِ ثواب پيش ڪرڻ ۽ انهن جي نقشِ قدم تي هلڻ جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، اَلْحَمْدُ لِلّٰه دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ انبياءِ ڪرام، صحابَه ڪرام، تابعينِ عظام ۽ اولياءِ ڪرام ۽ اهل بيت اطهار جي نقشِ قدم تي هلڻ جي ترغيب ڏني ويندي آهي، اوهان به هن مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، اِنْ شَآءَ الله نيڪ بڻجڻ ۽ فڪرِ آخرت ۾ تڙپڻ جو ذهن بڻجندو۔ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جتي سڄي دُنيا ۾ مسلمانن کي نيڪي جي ڪمن ڏانهن گامزن ڪري رهي آهي، اتي گورنمنٽ ۽ پرائيويٽ اسڪولز، ڪالجز، يونيورسٽيز ۽ مُختلِف تعليمي اِدارن سان وابسته ماڻهن کي دعوتِ اسلامي سان وابسته ڪندي انهن کي سُنّتن جي مُطَابِق زِندگي گُذارڻ جي لاءِ مجلس شعبه تعليم جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جنهن جو بُنيادي مَقصَد انهن اِدارن سان وابسته ماڻهن کي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ڪندي سُنّتن جي مُطَابِق زِندگي گُذارڻ جو مدني ذِهن