Book Name:10 Muharaam Ki Barakaat

باھ جي عذاب ۾ مبتلا ٿي موت جي حوالي ٿي ويو۔ ٻيو اهو به معلوم ٿيو ته جڏهن ڪو اسان جي دل آزاري ڪري يابدتميزي ڪري، بي شرمي ۽ بي حيائي جو مظاهرو ڪندي بدسلوڪي ڪري، گار ڏي، يا بي حيائي جي ڳالھ ڪري ته ڪا انتقامي ڪاروائي ڪرڻ جي بدران پنهنجو معاملو الله پاڪ جي حوالي ڪرڻ گھرجي ۽ ان جي ڳالهين تي صبر ڪرڻ گھرجي ۽ صبر جو ذهن بنائڻ جي لاءِ ان مقدس هستين تي ميدانِ ڪربلا ۾ پيش ايندڙ مصيبتن تي غور ڪرڻ گھرجي

صبر جي عادت بڻايو

      ميدانِ ڪربلا ۾ حضرتِ سيدنا امامِ حُسين رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه تي جان، مال، اولاد، بک، اڃ، خوف ۽ طعني بازي جهڙيون سڀئي آزمائشون آيون، پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جي نانا جان، ٻنهي جھانن جي سلطانصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪلمو پڙهڻ وارا پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جا جاني دشمن بڻجي ويا ۽ پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه کي طرح طرح جون تڪليفون ڏيڻ لڳا، پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جي ڀائرن، پٽن، ڀاڻيجن ۽ ڀائٽن کي شهيد ڪيو ويو، پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جي ساٿين کي تڪليفون ڏنيون ويون، پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جي خاندان وارن کي ستايو ويو، پر پوءِ به پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه انهن سمورين آزمائشن ۾ ڪامياب ٿيا، صبر ۽ استقامت جو جبل بڻجي رهيا، رضاءِ الٰهي تي راضي رهندي زبان سان حمدِالٰهي ادا ڪندا رهيا ۽ انهن بد بختن کي برابر نيڪي جي دعوت ۽ اسلام جي تعليمات ڏيندا رهيا هڪ لفظ به بي صبري جو ادا نه ڪيائون ايستائين جو سجدي جي حالت ۾ پنهنجي جان جو نذرانو بارگاھ خداوندي ۾ پيش ڪري ڇڏيو۔

لهذا اسان کي گھرجي ته انهن الله وارن جي سيرت طيبه تي عمل ڪندي خوب نيڪي جي دعوت عام ڪريون، مسلمانن کي گناهن کان بچائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪريون، راھ خدا ۾ ايندڙ مصيبتن تي صبر ڪريون ۽ هن مُبارڪ ڏينهن ۾ تلاوت قرآن، ذڪر ودرود، صدقو ۽ خيرات، نفل جي ڪثرت ۽ نذرونياز جي صورت ۾ انهن عظيم هستين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ۽ انهن جي بارگاه ۾ خوب خوب ايصال ثواب ڪريون، ياد رکو! في زمانه هن بابرڪت ڏينهن تي جيڪي ماڻهو ٿڌا شربت ۽ کچڙي تي امامِ حُسينرَضِىَ اللّٰهُ عَنْه