Book Name:10 Muharaam Ki Barakaat

مهيني ۾ ئي خوب نيڪيون ڪرڻ ۽ اجروثواب حاصل ڪرڻ جا کوڙ موقعا عطا ڪيا آهن، انهيء مناسبت سان اڄ جي بيان ۾ اسان مُحَرّمُ الحَرَام جون فضيلتون، هن ۾ عبادت ڪرڻ جون برڪتون، روزا رکڻ، مسلمانن سان خيرخواهي ڪرڻ ۽ راھ خُدا ۾ خرچ ڪرڻ جي فضيلتن سان گڏوگڏ هن مقدّس مهيني ۾ بزرگن جي عبادت ڪرڻ جا واقعا به ٻڌنداسين، الله ڪري جو اسان سڄو بيان دلجمعي ۽ سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون۔

      اچو! سڀ کان پهريان مُحَرّمُ الحَرَام جي شان، عظمت ۽ فضيلت جي باري ۾ هڪ واقعو ٻڌون ٿا،  

عاشوراء جي خيرات جون برڪتون

       يومِ عاشوراء (۱۰محرّمُ الحرام) تي ملڪ ’’رَي‘‘ ۾ ڪنهن قاضي  (Qadi) وٽ هڪ سوالي يعني گھرڻ واري اچي عرض ڪيو ته مان هڪ غريب ۽ عِيال دار شخص آهيان، اوهان کي يومِ عاشوراء جو واسطو! منهنجي لاءِ ڏھ ڪلو مانيون، پنج ڪلو گوشت ۽ ٻه درهم (چاندي جي اشرفين) جو انتظام فرمايو۔ قاضيءَ ظهر کان پوءِ اچڻ جو چيائين۔ جڏهن فقير مقرر وقت تي آيو ته عصر ۾ اچڻ جو چيائين۔ هو عصر کان پوءِ پهتو ته به ڪجھ نه ڏنائين، هٿين خالي موٽائي ڇڏيو۔ فقير جي دل ٽٽي وئي۔ هو غمگين ٿي هڪ غير مسلم وٽ پهتو ۽ ان کي چيائين: اڄ جي مقدس ڏينهن جي صدقي مون کي ڪجھ ڏئي ڇڏ۔ ان پڇا ڪئي: اڄ ڪهڙو ڏينهن آهي؟ ته فقير عاشوري جون ڪجھ فضيلتون بيان ڪيون۔ جنهن کي ٻڌي ان غير مسلم چيائين: اوهان نهايت ئي عظمت واري ڏينهن جو واسطو ڏنو آهي، پنهنجي ضَرورت بيان ڪريو۔ سائل ان کي به اها ئي ضَرورت بيان ڪئي۔ ان شخص ڪڻڪ جون ڏھ ٻوريون، سو ڪلو گوشت ۽ ويھ دِرهم (چاندي جون اشرفيون) پيش ڪندي چيائين: اهي اوهان جي آل اولاد جي لاءِ سڄي زندگي هر مهيني هن ڏينهن جي فضيلت جي صدقي مقرر آهي۔ رات جو قاضي صاحب خواب ڏٺو ته ڪو چئي رهيو آهي ته نظر کڻي ڏس! جڏهن نگاھ مٿي کنئي ته ٻه عاليشان محل نظر آيا، هڪ چاندي ۽ سون جي سرن جو ۽ ٻيو ڳاڙهو ياقوت جو هو۔ قاضي پڇا ڪيائين: اهي ٻئي محل ڪنهن جا آهن؟ جواب مليو، جيڪڏهن تون سائل جي ضَرورت پوري ڪرين ها