Book Name:10 Muharaam Ki Barakaat

ته اهي توهان کي ملن ها پر جيئن ته توهان ان کي (هٿين خالي) موٽايو هو ان ڪري هاڻي اهي ٻئي محل فُلاڻي غير مُسلم جا آهن۔ قاضي صاحب بيدار ٿيو ته گھڻو پريشان هو۔ صبح ٿي ته غيرمسلم وٽ ويو ۽ ان کان پڇيائين ته ڪل تو ڪهڙي ’’نيڪي‘‘ ڪئي آهي؟ ان پڇا ڪئي، اوهان کي ڪيئن خبر پئي؟ قاضي صاحب پنهنجو خواب ٻڌايو ۽ پيشڪش ڪئي ته مون کان هڪ لک درهم وٺو ۽ ڪل واري ’’نيڪي‘‘ مون کي وڪڻي ڇڏ۔ ته ان غير مسلم چيائين: رُوءِ زمين جي سڄي دولت ملي ته به ان کي نه وڪڻندس، الله پاڪ جي رحمت ۽ عنايت تمام گھڻي آهي۔ اهو چوڻ کان پوءِ هو ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو۔ (روض الرياحين،الحڪايۃ السابعۃ والعشرون۔۔۔الخ، ص۲۷۵)

اے خُدائے مصطَفٰے میں ، تری رحمتوں پہ قُرباں

ہو کرم سے میری بخشش ، بَطُفیلِ  شاہِ  جِیلاں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد 

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل واقعي مان جتي اهو معلوم ٿيو ته عاشوري جي ڏينهن جون وڏيون فضيلتون آهن، اتي اهو به معلوم ٿيو ته ڪنهن مسلمان جي دل جوئي ڪرڻ، مشڪل وقت ۾ ان جي ڪم اچڻ نهايت عمده ۽ ربِّ ڪريم جو پسنديده عمل آهي ڪنهن مسلمان جي پريشاني دور ڪرڻ عرش جي ڇانو ماڻڻ وارن عملن مان هڪ نهايت ئي پيارو عمل آهي جي ها! اچو! حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پيارو پيارو فرمانِ عاليشان ٻڌون ٿا: جيئن ته پاڻ ارشاد فرمايو: حُضُور نبي رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: قِيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي عرش جي علاوه ٻي ڪا ڇانو نه هوندي، ٽي (3) شَخص الله پاڪ جي عرش جي ڇانو ۾ هوندا۔ عرض ڪيو ويو: يارسول اللهصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اهي ڪير ماڻهو آهن؟ ارشاد فرمايائون: (1) اُهو شخص جيڪو منهنجي اُمتي جي پريشاني دور ڪري (2) منهنجي سنّت کي زندھ ڪرڻ وارو