Book Name:10 Muharaam Ki Barakaat

ارشاد فرمايائون؛ عاشوري جي ڏينهن جو روزو رکو ۽ ان ۾ يهودين جي مخالفت ڪريو، ان کان اڳ ۾ يا پوءِ به هڪ ڏينهن جو روزو رکو۔ (مسند امام احمد،۱/۵۱۸ حديث:۲۱۵۴) ياد رکو! جڏهن به عاشوري جو روزو رکون ته گڏوگڏ نائين يا يارهين مُحَرمُ الحرام جو روزو به رکي وٺڻ بهتر آهي جيڪڏهن ڪنهن صرف 10 محرم الحرام جو روزو رکيو تڏهن به جائز آهي۔

ارشاد فرمايائون: مون کي الله پاڪ تي گمان آهي ته عاشوري جو روزو هڪ سال اڳ جا گناھ مِٽائي ڇڏيندو آهي۔ (مسلم، ڪتاب الصيام، باب استحباب صيام ثلاثۃ ايام الخ،ص ۴۵۴،حديث:۲۷۴۶)

تیرے کرم سے اے کریم! کون  سی  شے  ملی  نہیں

جھولی  ہماری  تنگ ہے، تیرے یہاں   کمی  نہیں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد 

       پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان يومِ عاشوراء يعني ڏھ محرم الحرام جون فضيلتون ۽ برڪتون ٻڌي رهيا هئاسين، يومِ عاشوراء جي فضيلتن مان هڪ ڳالھ اها به آهي ته هن ڏينهن الله پاڪ 10 انبياءِ ڪرام کي مختلف اعزازات ۽ اڪرامات سان نوازيو هو۔ اهي اعزازات ڪهڙا هئا، اچو! ٻڌون ٿا:

يومِ عاشوراء جون مُبارڪ نسبتون         

           (1) انهيءَ ڏينهن حضرت سَيدنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي مدد فرمائي وئي ۽ فرعون ۽ ان جا پيروڪار هلاڪ ٿيا۔ (2) انهيءَ ڏينهن حضرت سيّدُنا نـوح عَلَيۡهِ السَّلَام جي ٻيڙي جُودي جبل تي بيٺي۔ (3) انهيء ڏينهن حضرت سَيدنا يونس عَلَيۡهِ السَّلَام کي مڇي جي پيٽ مان نجات ملي۔ (4) انهيء ڏينهن حضرت سيدنا آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جي توبه قبول ٿي۔ (5) انهيء ڏينهن حضرت سَيدنا يوسفعَلَيۡهِ السَّلَام کي کوھ