Book Name:10 Muharaam Ki Barakaat

اهو ڏينهن اڳوڻين امتن ۾ به وڏو مڪرم ۽ محترم رهيو آهي، تاريخ هن ڏينهن جي اهم واقعن سان ڀري پئي آهي۔ هن ڏينهن ۾ عبادت ڪرڻ جون بيشمار فضيلتون ۽ برڪتون آهن، هن ڏينهن دعائون قبول ٿينديون آهن، هن ڏينهن حاجت مندن جون حاجتون پوريون ٿينديون آهن، هن ڏينهن تنگدستن جون تنگدستيون پري ٿينديون آهن ۽ انهيء ڏينهن غمزدن ۽ ڏکويلن جون مصيبتون دور ٿينديون آهن:

شب ِ عاشوراء جو وسيلو ڪم اچي ويو

      دعوتِ اسلامي جي مڪتبةُ المدينه جي ڪتاب ”حڪايتيں اور نصيحتيں“ صفحي 457 تي آهي: بصره ۾ هڪ مالدار (Rich man) شخص رهندو هو۔ هر سال شبِ عاشوراء(عاشوراء جي رات) پنهنجي گھر ۾ ماڻهن کي گڏ ڪندو هو جيڪي قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪندا ۽ الله پاڪ جو ذڪر ڪندا ها۔ اهڙي طرح سڄي رات تلاوتِ قرآن ۽ ذڪرِ الٰهي جو سلسلو جاري رهندو هو۔ پوءِ هو شخص سڀني کي کاڌو پيش ڪندو هو۔ مسڪينن جي سار سنڀار لهندو هو۔ بيواهن ۽ يتيمن سان به سٺو سلوڪ ڪندو هو۔ ان جو هڪ پاڙيسري هو جنهن جي معذور نياڻي هئي۔ ان ڇوڪريء پنهنجي پيء کان پڇا ڪئي: اي منهنجا والدِ محترم! اسان جو پاڙيسري هر سال هن رات ماڻهن کي گڏ ڇو ڪندو آهي؟ ۽ پوءِ سڀئي گڏجي تلاوتِ قرآن ۽ ذڪر ڪندا آهن۔ پيءُ ٻڌايو: اها عاشوراء جي رات آهي، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ان جي تمام گھڻي فضيلت آهي۔ جڏهن سڀئي گھر وارا سمهي پيا ته اها ڇوڪريء سحري تائين بيدار رهي قرآنِ عظيم جي تلاوت ۽ ذڪرِ الٰهي ٻڌندي رهي۔ جڏهن ماڻهن قرآنِ حڪيم ختم ڪيو۔ ته اها ڇوڪريء هن طرح دعا گھرڻ لڳي: يا الله! توکي هن رات جي حرمت جو واسطو ۽ انهن ماڻهن جو واسطو جن سڄي رات تنهنجو ذڪر ڪندي جاڳي گذاري آهي! مون کي عافيت عطا فرما، منهنجي تڪليف پري ڪر ۽ منهنجي دل جو غم پري فرما۔ اڃا ان جي دعا پوري به نه ٿي هئي جو ان جي تڪليف ۽ بيماري ختم ٿي وئي ۽ هو پنهنجي پيرن تي بيهي رهي، جڏهن پيءُ ان کي پيرن تي بيٺل ڏٺائين ته پڇا ڪيائين: اي منهنجي