Book Name:10 Muharaam Ki Barakaat

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب “بهار شريعت” حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں اور آداباميرِاهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جا ٻه رسالا ”101 مدني گل“ ۽ ”163 مدني گل هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد 

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

    پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَآءَ الله!      آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جو موضوع آهي”امام حسين جي عبادت“ جنهن ۾ امام عالي مقام، حضرت امامِ حسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي تقويٰ ۽ پرهيزگاري، صدقو ۽ خيرات، فضائل ۽ مناقب، شان ۽ عظمت، آقا ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سان محبت ۽ خاص ڪري پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي عبادت جو ذوق ۽ شوق، عبادت جا واقعات بيان ڪيا ويندا ۽ آخر ۾ عاشوراء (10 محرم الحرام) جي ڏينهن روزا رکڻ جي فضيلتن جي حوالي سان ڪجهه ڳالهيون به بيان ڪيون وينديون.   

لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو: اِنْ شَآءَ الله

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد